Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

اسان ٻانها آهيون، جيڪو ڊاڪٽر آهي، اهو ڊاڪٽر بعد ۾ آهي، پهريان الله پاڪ جو ٻانهو آهي، جيڪو عالِم آهي، اهو عالِم بعد ۾ ٻانهو پهريان آهي، جيڪو انجينئر آهي انجينئر بعد ۾، ٻانهو پهريان آهي، مطلب ته اسان جو ڪجھ به آهيون، سڀ کان پهريان ٻانها آهيون، پوءِ ڪجھ ٻيو آهيون، لهٰذا سڀ کان پهريان اسان کي ٻانهي هجڻ جي آداب کي ملحوظ رکڻ گهرجي.

ڪجھ آدابِ بندگي

ٻانهو هئڻ جا آداب ڪافي سارا آهن، امام شعراني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه آدابُ الۡعُبُودِيَّت جي نالي سان پورو ڪتاب لکيو آهي، ان ۾ کوڙ سارا آدابِ بندگي بيان فرمايا آهن، مثال طور ٻانهي هجڻ جو هڪ ادب هي به آهي ته ٻانهو هميشه پنهنجي توجھ الله پاڪ جي طرف رکي، نعمت ملي (مثال طور مال ۽ دولت عطا ٿئي، اولاد ملي، خوشيون نصيب ٿين، ڪا به نعمت هجي) ان نعمت جو ٿي ڪري نه رهي، نعمت جي ڪري غفلت ۾ نه پوي بلڪه هر حال ۾ الله پاڪ جا حقوق ادا ڪندو رهي، هميشه الله پاڪ جو ئي طالب رهي جو سڀ نعمتن جا خزانا انهيءَ ربِّ ڪائنات جي دستِ قدرت ۾ آهن. ٻانهو هميشه الله پاڪ جي رضا ۾ راضي رهي * ان جي هر فيصلي کي دل ۽ جان سان قبول ڪري * جيڪو عطا ٿئي، انهيءَ تي خوش رهي * غم ملي ته شڪايت نه ڪري * خوشي نصيب ٿئي ته سرڪش نه بڻجي * بس الله پاڪ جي رضا جو طلبگار رهي * دنيا ۾ ڪنهن شيءِ کي پنهنجي ملڪيت نه سمجهي * هي مضبوط سوچ رکي ته سڀ ڪجھ الله پاڪ جو آهي، اهو ئي حقيقي مالڪ آهي، مون وٽ جيڪو ڪجھ آهي، الله پاڪ جو ئي آهي، ان پنهنجي رحمت سان مون کي عطا فرمايو آهي * پنهنجي عبادات ۽ نيڪ ڪمن کي هميشه ناقِص سمجهي * خود پسندي جو شڪار هرگز نه ٿي.