Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

هن ايپليڪيشن ۾ مختلف موضوعن تي فتوائون آڊيو، وڊيو (Audio & Video) ۽ ٽيڪسٽ  (Text)جي صورت ۾ موجود آهن. توهان به موبائل ايپليڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو! پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ پنهنجي دوست احباب  کي به ترغيب ڏياريو!

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو:

مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ

جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                          جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

 

ڀاڪر پائي ملڻ  سنِت مصطفٰي آهي

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): جنهن جو ڀاءُ هجي ان کي گهرجي ته پنهنجي ڀاءُ سان ڀاڪر پائي ملي.([2])

   اي عاشقانِ رسول! ڀاڪر پائڻ کي معانقو چوندا آهن ۽ معانقو سنّتِ مصطفٰي آهي. * مراةُ المناجيح ۾ آهي: خوشي ۾ ڪنهن سان ڀاڪر پائي ملڻ سنّت آهي ([3]) پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڪيترائي ڀيرا صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم تي شفقت فرمائيندي انهن کي ڳلي ملڻ جو شرف بخشيندا هئا.


 

 



[1]تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2]کَنزُ الْعُمَال، کتاب: الفضائل، جلد:7، جز:13، صفحہ:26، حدیث:36235۔

[3]مرآۃ المناجیح، جلد:6، صفحہ:359۔