Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

   الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو: اسان جي جان اصل ۾ اسان جي ناهي، الله پاڪ جي ڏنل امانت آهي، ان ڪري اسان تي لازم آهي ته امانت ۾ خيانت نه ڪيون بلڪه ان امانت جو ادب ڪريون.

پنهنجي بي ادبي جا مثال

  * پاڻ کي ذلّت  واري هنڌ پيش ڪرڻ * پنهنجو قدر نه ڪرڻ * ماڻهو مذاق ڪن، اهڙا ڪم ڪرڻ * جنهن کي ماڻهو ڏسي ڪري کلن، اهڙو حُليو اپنائڻ * جسم تي ابتا ابتا ٽَيٽو (Tattoo) ٺهرائڻ * پنهنجو حليو بگاڙڻ هي سڀ پنهنجي بي ادبي جا مثال آهن. حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: پنهنجي پاڻ جي ادب مان آهي ته ماڻهو هميشه سچ ڳالهائي (ڇوته ڪوڙ برو آهي، لهٰذا ڪوڙ ڳالهائي ڪري پنهنجي زبان کي گندو ڪرڻ پنهنجي بي ادبي آهي). وڌيڪ فرمائن ٿا: ماڻهو کي گهرجي ته گهٽ کائي ته جيئن طهارت گاھ (يعني بيتُ الخلا) ۾ گهڻو نه وڃڻو پئجي، اهڙيءَ طرح پردي جي مقامات کي نه ڏسي جو ان ۾ بي شرمي آهي.([1]) امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ماڻهو تي پنهنجي ذات جي آداب مان آهي ته لباس جي پاڪيزگي ۽ صفائي جو خيال رکي، مسواڪ ڪرڻ جي عادت بڻائي، اهڙو لباس نه پائي جنهن جي ڪري ماڻهو ان کي حقارت جي نظر سان ڏسن، هلڻ ڦرڻ ۾ هيڏانهن هوڏانهن نه ڏسي، گفتگو جي دوران بار بار ٿڪون نه اڇلائي ۽ گهٽين ۾ گهڻو نه ويهندو ڪري.([2])

   پيارا اسلامي ڀائرو! هي اسان جي پاڪيزه دينِ اسلام جو ڪمال آهي ان ۾ اسان کي ذات جا آداب به سيکاريا ويا آهن، اسان کي گهرجي ته اسان انهن آداب کي اپنايون، ٻين جو به ادب ڪيون ۽ گڏوگڏ پنهنجي ذات جو به ادب ڪندا ڪيون. جديد نفسيات جا ماهر  چون ٿا: جيڪو پنهنجو ادب ناهي ڪندو، اهو ٻين جو به ادب نه ٿو ڪري سگهي، ماڻهو اسان جي ظاهري حليي کي ڏسي ڪري اسان جي شخصيت جي پرک  رکندا آهن، جيڪي ماڻهو پنهنجي صفائي


 

 



[1]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:495بتغیر۔

[2]آدابِ دین، صفحہ:47-48بتغیر۔