Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

آهي: اسان جي علائقي ۾ هڪ وڊيو سينٽر جي ٻاهر دعوتِ اسلامي سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ سردي گرمي جي پرواھ ڪرڻ بغير مستقل مزاجيءَ سان چوڪ درس ڏيندو هو، هو اسلامي ڀائر ان وڊيو سينٽر جي مالڪ کي به درس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو هو پر هو روزانو ئي مصروفيت جو چئي ڪري معذرت ڪري ڇڏيندو هو، آخر ڪار هڪ ڏينهن وڊيو سينٽر جي مالڪ به درس ۾ شرڪت ڪري ورتي، جڏهن مبلغ دعوتِ اسلامي درس شروع ڪيو ته خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ڀرپور الفاظ تاثير جا تير بڻجي ڪري ان جي دل ۾ لڳا، غفلت جا پردا هٽي ويا ۽ چوڪ درس جي برڪت سان وڊيو سينٽر جي مالڪ تي فڪرِ آخرت غالب اچي وئي. درس کان بعد اسلامي ڀاءُ ان کي دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪئي، هُو هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو، آهسته آهسته انهن جي دل ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي، آخر وڊيو سينٽر جي مالڪ تمام گناھن کان توبھ ڪئي، گناھ ڀريو ڪاروبار يعني وڊيو سينٽر به بند ڪري ڇڏيو. ايئن اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! گناھن جي دلدل ۾ ڦاٿل مسلمان چوڪ درس جي برڪت سان نيڪ رستي جو مسافر بڻجي ويو.([1])

اسی ماحول نے ادنیٰ سے اعلیٰ کر دیا دیکھو                        اندھیرا ہی اندھیرا تھا اُجالا کر دیا دیکھو

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

دارُ الاِفۡتاء اهلِ سنّت ايپليڪيشن

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه دعوتِ اسلامي علمِ دين جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي. دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپليڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي Darul Ifta Ahlesunnat (دارُ الاِفۡتاء اهلِ سنّت).


 

 



[1]میں نے ویڈیو سینٹر کیوں بند کیا؟، صفحہ:5۔