Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

آفيسر به، ڊاڪٽر به، انجينئر به، گهڻو ڪجھ آهيون ڪاش! اسان صحيح معنٰي ۾ الله پاڪ جا ٻانها به بڻجي وڃون.

گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی!                                مجھے نیک بندہ بنا یاالٰہی!

خطاؤں کو میری مٹا یاالٰہی!                                 مجھے نیک خَصلت بنا یاالٰہی!

(2): پنهنجو جو به ادب ڪيو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! ادب جو ٻيو قِسم آهي: اَدَبُ النَّفۡس يعني پنهنجي پاڻ جو ادب ڪرڻ.

   هيءَ ڪهڙي نه نرالي ڳالھ آهي، اڄ تائين هي ٻڌندا آيا آهيون ته اسان کي ٻين جو ادب ڪرڻ گهرجي پر داتا حضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائي رهيا آهن: ٻين جو ادب ته ڪرڻو ئي ڪرڻو آهي، ان سان گڏوگڏ پنهنجي پاڻ جو به ادب ڪرڻ گهرجي. ڇونه هجي جو اسان جو هي جسم، اسان جي جان، اسان جو سڀ ڪجھ حقيقت ۾ اسان جو ناهي بلڪه الله پاڪ جو آهي، ربِّ ڪائنات فرمائي ٿو:

اِنَّ اللّٰہَ اشۡتَرٰی مِنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ اَنۡفُسَہُمۡ وَ اَمۡوَالَہُمۡ (سيپارو: 11، سورة توبھ: آيت 111)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ الله پاڪ مسلمانن کان انهن جون جانيون ۽ انهن جا مال خريدي ورتا آهن.

   مشهور مفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: مؤمن کي گهرجي ته سمجهي ته مان ۽ منهنجو مال ربّ ڪريم وٽ وڪامجي چڪا آهن، منهنجي ڪا به شيءِ پنهنجي ناهي، هر عضوو، هر وقت ۽ هر مال الله پاڪ جي مرضي جي مطابق صَرۡف(يعني استعمال) ڪري، نه ته خائِن (يعني خيانت ڪرڻ وارو) ٿيندو.([1])


 

 



[1]تفسیر نعیمی، جلد:11، صفحہ:78بتغیر۔