Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

کان محروم رهندو آهي، سڄي زندگي عبادت ۾ گذاري، پوءِ به عمل جي درستگي کان محروم رهندو آهي، نه ان کي حڪمت ملندي آهي ۽ نه ان تي قربِ الهي جا دروازا کُلندا آهن.

محفوظ سدا رکھنا شہا! بے ادبوں سے                                                                                              اور مجھ سے بھی سر زد نہ کبھی بے ادبی ہو )[1](

الله پاڪ اسان کي ادب جي دولت نصيب فرمائي.  اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

(2): ادب ڇا  کي چوندا  آهن...؟

   پيارا اسلامي ڀائرو! ادب ڇا کي چوندا آهن؟ اچو! هي سکڻ جي لاءِ داتا حضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بارگاھ ۾ حاضري ڏيون، حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: عام طور تي اديب (يعني ادب وارو) ان کي چوندا آهن: جيڪو لغت جو ماهر هجي (جيئن اسان وٽ عام طور شاعر کي اديب چيو ويندو آهي) پر اولياءِ ڪرام وٽ ادب جي معنٰي آهي: اَلْوَقُوفُ مَعَ الْمُستَحْسِنَاتِ يعني چڱائين تي  مضبوطيءَ سان قائم رهڻ.([2]) بس جنهن ۾ نيڪ عادتون جمع ٿي وڃن، اهو اديب (يعني ادب وارو) آهي.

ادب جا اَقۡسام

داتا حضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ادب جا ٽي قِسم آهن:

(1): آدابِ بندگي

پهريون قسم: اَلْاَدَبُ مَعَ اللہ يعني الله پاڪ جو ادب. هي سڀ کان پهريون ۽ ضروري ادب آهي ڇوته  اسان هن دنيا ۾ ڪجھ به هجون، سڀ کان پهريان


 

 



[1]وسائل بخشش، صفحہ:315۔

[2]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:504 ۔