Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

ماهِر عالمِ دين هئا، پاڻ ڪيترائي ڪتاب به لکيا آهن پر افسوس! هاڻي سندن ڪتاب نه ٿا ملن، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو هڪ زبردست ڪتاب ڪشفُ الۡمَحۡجوب هاڻي به ملي وڃي ٿو، ڪشفُ الۡمحجوب اصل (نسخو) فارسيءَ ۾ آهي، اردو ترجمو بازار مان عموماً ملي وڃي ٿو * ڪشف الۡمحجوب اهڙو زبردست ڪتاب آهي جو وڏا وڏا صوفياءِ ڪرام ان ڪتاب کي باقاعده پڙهندا به هئا ۽ پنهنجن شاگردن کي به پڙهائيندا هئا * ڪَشف جي معنٰي آهي: کولڻ ۽ مَحجوب جو مطلب آهي: پردي ۾ رکيل شيءِ. گناھن جي ڪري جيڪا دل تي ميراڻ چڙهندي آهي، صوفياءِ ڪرام ان کي حجاب چوندا آهن، ايئن ڪشفُ المحجوب جو مطلب ٿيندو: دل جا پردا کولڻ وارو ڪتاب * خواجه نظامُ الدّين اولياء رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائيندا هئا: جنهن کي ڪامل پير نه ملندو هجي، اهو ڪشفُ المحجوب پڙهي وٺي ان کي ڪامل پير ملي ويندو.([1])

کَشْفِ مَحْجُوب ہے فیضِ داتا حُضُور                       کَشْفِ مَحْجُوب میں زِندگی کا سرور

اس کی عظمت میں بولے یہ خواجہ نِظام                 ہے یہ رہبر سراپا، کرامت کا نُور

ہے یہ نسخۂ نایاب دِل کے لئے                         جو پڑھے دِل لگا کر، سمجھ کر اسے

پیرِ کامِل ملے، بند رَسْتہ کھلے                              گنج بخشی ہے اس کی یہ ظاہِر ظہور

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

ڪشفُ المحجوب جي هڪ   باب  جو  خلاصو

   اي عاشقانِ رسول! ڪشفُ المحجوب شريف جو هڪ باب آهي: ڪشفِ حجاب: آداب جو بيان. هن باب ۾ حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن بنيادي طور تي 3 شيون بيان فرمايون آهن: (1): ادب ڇا کي چوندا آهن؟ (2): ادب جا قِسم (3): ۽ مختلف زندگيءَ جا آداب.


 

 



[1]...فیضانِ داتا علی ہجویری، صفحہ:58۔