Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

جاهل ۽ بد اخلاق هئا، حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: عام مسافرن وانگر مون وٽ سامان نه هو، جسم تي بلڪل سادو ۽ پراڻو لباس هو، هٿ ۾ لٺ ۽ وضو جي لاءِ ٿانءَ هو، منهنجي هن حالت کي ڏسي ڪري انهن منهنجو مذاق اڏايو، رات ٿي چڪي هئي ۽ اتي رات گذارڻ ضروري هو، تنهنڪري گنجائش نه هجڻ جي باوجود مان ان خانگاھ ۾ ترسي پيس، انهن ماڻهن مونکي هيٺين منزل ۾ ترسايو ۽ پاڻ مٿين منزل ۾ هليا ويا، کاڌي جو وقت ٿيو ته انهن مهمان نوازي جي آدابن جو ڪجھ خيال نه رکيو، مونکي خراب ٿيل سُڪل ماني ڏنائون ۽ پاڻ لذيذ غذائون کائيندا رهيا ۽ گڏوگڏ مون تي ٺٺول به ڪندا رهيا، کاڌي کان بعد انهن گدرا کاڌا ۽ کَلون مون ڏي اڇلايون، مطلب ته جيترو ٿي سگهيو انهن مون کي ستايو، مونکي ذليل ڪيو، مان صبر سان هي سڀ ڪجھ برداشت ڪندو رهيس.

   بس انهن ماڻهو جي هن ورتاءَ تي صبر جي بدولت الله پاڪ منهنجي مشڪل حل فرمائي ڇڏي.([1])

بنادو صبر و رِضا کا پیکر                                      بنوں خوش اَخلاق ایسا سرور

رہے سدا نَرم ہی طبیعت                                   نبیِّ   رَحمت   شفیعِ   اُمّت([2])

جاهلن جي جهالت تي صبر به هڪ ادب آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! جاهلن جي جهالت ڀري ڳالهين تي صبر ڪرڻ به آدابِ زندگي مان هڪ اَدَب آهي، اسان جو ڪيترائي ڀيرا اهڙن ماڻهن سان واسطو پئجي ويندو آهي، جيڪي علم، اخلاق ۽ آدابِ زندگي کان ڪيترائي ميل پري هوندا آهن، خاص طور نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارن مبلغين کي اهڙن سان واسطو پيو هوندو، حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سيرتِ پاڪ مان درس حاصل ڪندي اسان کي به گهرجي ته اهڙن ماڻهن جي ڳالهين،


 

 



[1]...کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:100بتغیر۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:208۔