Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

  * مسلمانن سان ڀائيچاري جي آداب مان هي به آهي ته ماڻهو پاڻ کان وڏي جو ادب ڪري، هم عمر وارن سان سٺي سلوڪ سان پيش اچي، ٻارن تي شفقت ڪري، وڏن بزرگن کي پيءُ جي جڳھ، هم عمر وارن کي ڀائرن جي جڳھ ۽ ٻارن کي اولاد جي جڳھ تي سمجهي * ڪنهن سان ساڙ نه ڪري * ڪنهن جي باري ۾ دل ۾ بغض ۽ ڪينو (يعني لڪيل دشمني) نه رکي * سڀني کي نيڪي جي دعوت ڏيندو رهي * ڳالھ ڳالھ تي ناراض نه ٿئي.([1])

کاش! نیکی کی دعوت میں دوں جابَجا                                                                                             سُنتیں  عَام  کرتا  رہوں  جابَجا )[2](

مهمان نوازي جا آداب

داتا حُضُور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مهمان نوازي جي آداب مان آهي ته ڪو مسافر اچي ته خوش ٿئي، ان جو احترام ڪري، عزت ۽ احترام سان ان جو استقبال ڪري. الله پاڪ جي نبي، حضرت ابراهيم عَلَيهِ السَّلَام نهايت ئي مهمان نواز هئا، هڪ ڀيري ڪجھ ملائڪ  انساني شڪل ۾ پاڻ وٽ آيا، حضرت ابراهيم عَلَيهِ السَّلَام جن انهن کي سڃانو نه، پوءِ به انهن جو استقبال ڪيائون، انهن کي ويهاريائون، فوراً کاڌو تيار ڪَرايائون، مهمانن کي پيش ڪيائون، اچڻ وارا مهمان ته ملائڪ هئا ۽ ملائڪ کائيندا پيئندا ناهن، جڏهن ملائڪن  ماني نه کاڌي، تڏهن پاڻ کي معلوم ٿيو ته هي ملائڪ  آهن: الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ ان واقعي کي هن طرح بيان فرمايو آهي:

وَ لَقَدۡ جَآءَتۡ رُسُلُنَاۤ  اِبۡرٰہِیۡمَ بِالۡبُشۡرٰی قَالُوۡا سَلٰمًا ؕ قَالَ  سَلٰمٌ  فَمَا لَبِثَ اَنۡ  جَآءَ  بِعِجۡلٍ حَنِیۡذٍ (۶۹)

  آيت (سيپارو: 12، سورة هود: آيت 69)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ اسان جا ملائڪ ابراهيم وٽ خوشبري کڻي آيا. انهن ”سلام“ چيو ته ابراهيم ”سلام“ چيو پوءِ ٿوري ئي دير ۾ هڪ ڀُڳل گابو کڻي آيو.


 

 



[1]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:501-502بتغیر۔

[2]وسائل بخشش، صفحہ:502۔