Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

وٺي ويندا ڪريون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

سفر جا آداب

داتا حُضُور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ٻانهي کي گهرجي ته هميشه الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ئي سفر ڪري، ڪنهن نفساني خواهش جي تحت سفر نه ڪري (مثال طور تجارت وغيره جي لاءِ سفر ڪرڻو هجي ته ان جي لاءِ سٺيون سٺيون نيتون ڪيون وڃن، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  هي سفر به ثواب جو ذريعو بڻجي ويندو). * سفر جي آداب مان هي آهي ته جيئن ظاهر ۾ سفر اختيار ڪيو آهي، ايئن ئي باطن ۾ مسافر بڻجي (يعني ظاهر ۾ گهر ٻار ڇڏي رهيو آهي ته نفساني خواهشات کي به ڇڏي ڏي).([1])

  * سفر ۾ مصلو ۽ وضو جو سامان گڏ رکي، اهڙيءَ طرح سنّت تي عمل جي نيّت سان ڦڻي، نَنهن ڪَٽر، سرمو وغيره سامان به  ساڻ رکي.([2])

 * هر مسلمان تي لازم آهي ته هميشه سنّت جي حفاظت ڪري، ڪنهن وٽ وڃي ته ان جو احترام ڪري، ان کي سلام ڪري، ميزبان جي ڪنهن به حالت تي اعتراض نه ڪري، پنهنجي سفر جون سختيون بيان نه ڪري، علميت جو دٻدٻو نه ويهاري، سفر ڪندي جاهلن ۽ غير مُہذهب ماڻهن سان واسطو پوي ته برداشت ڪري، الله پاڪ جي رضا جي لاءِ انهن جي زيادتين تي صبر ڪري
اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!   تمام گهڻيون برڪتون ملنديون.([3])

بنادو صبر و رِضا کا پیکر                                                                                                                                                         بنوں خوش اَخلاق ایسا سرور

رہے سدا نَرم ہی طبیعت                                                                                                                                           نبیِّ   رَحمت   شفیعِ   اُمّت ([4])


 

 



[1]...کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:509بتغیر۔

[2]...کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:510بتغیر۔

[3]...کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:511-512بتغیر۔

[4]...وسائل بخشش، صفحہ:208۔