Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

انهن جي حرڪتن ۽ برن اخلاقن تي صبر کان ڪم وٺون، انهن جي برائيءَ جو جواب چڱائيءَ سان ڏيون، هي به هڪ نيڪي آهي ۽ ڪيئي ڀيرا ايئن ٿيندو آهي ته ان صبر جي بدولت وڏيون وڏيون مشڪلاتون حل ٿي وينديون آهن. الله پاڪ پنهنجي ڪريم آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائي ٿو:

خُذِ الۡعَفۡوَ وَ اۡمُرۡ بِالۡعُرۡفِ وَ اَعۡرِضۡ عَنِ  الۡجٰہِلِیۡنَ (۱۹۹)  آيت(سيپارو:9، سورة اعراف: آيت 199)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي محبوب! معاف ڪرڻ اختيار ڪر ۽ ڀلائيءَ جو حڪم ڏي ۽ جاهلن کان منهن موڙ.

   تفسيرِ صراطُ الجنان ۾ آهي: هن آيت ۾ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي 3 ڳالهين جي هدايت فرمائي وئي: (1): جيڪو مُجرم معافي طلب ڪندي توهان وٽ اچي، ان تي شفقت ۽ مهرباني ڪندي کيس معاف ڪري ڇڏيو (2): چڱا ۽ فائديمند ڪم ڪرڻ جو ماڻهن کي حڪم ڏيو (3): جاهل ۽ ناسمجھ ماڻهو توهان کي برو ڀلو چون ته انهن سان نه اٽڪو  بلڪه حِلم (بردباري) جو مظاهرو فرمايو.([1])

تُو عَطا حِلم کی بھیک کر دے                                میرے اَخلاق بھی ٹھیک کر دے

تجھ کو فاروق کا واسِطہ ہے                                  یاخدا   تجھ  سے  میری  دُعا  ہے

   الله پاڪ اسان کي به ادب جي توفيق عطا فرمائي.  اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡنصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو مختصر تعارف

 * داتا حُضُور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اٽڪل 400 هجري تي دنيا ۾ تشريف کڻي آيا * پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه


 

 



[1]... تفسیرِ صراط الجنان،پارہ،9،سورۂ اعراف،تحت الآیۃ:199،جلد:3،صفحہ:503۔