Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

ڪريو ۽ پنهنجي اهلِ خانه کي به دين سيکاريو! پاڻ به ادب سکو ۽ پنهنجي اهلِ خانه کي به آداب سيکاريو...!([1])

   مسلمانن جي پياري امڙ، حضرت عائشه صديقه طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها کان روايت آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ٻار جو پنهنجي پيءُ تي حق آهي ته هو ان جو چڱو نالو رکي ۽ سٺا آداب سيکاري.([2])

جو ہے باادب وہ بڑا بانصیب اور                        جو ہے بےادب وہ نہایت بُرا ہے ([3])

ادب پهريون قرينو آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! ادب اصل بندگي آهي، حضرت موسٰي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جڏهن ڪوھِ طور تي حاضر ٿيا ته الله پاڪ پاڻ سان پهريون ڪلام هي فرمايو:

اِنِّیۡۤ  اَنَا رَبُّکَ فَاخۡلَعۡ نَعۡلَیۡکَ ۚ اِنَّکَ بِالۡوَادِ  الۡمُقَدَّسِ طُوًی  (ؕ۱۲)  (سيپارو: 16 سورة طٰهٰ: آيت 12)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ مان تنهنجو رب آهيان سو تون پنهنجا جوتا لاھ بيشڪ تون پاڪ وادي طوٰي ۾ آهين.

   مفسرينِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم فرمائن ٿا: الله پاڪ حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام کي نعلين شريف (يعني جوتا مبارڪ) لاهڻ جو حڪم ڏنو، ان جو هڪ سبب هيءُ هو جو بادشاھ جي درٻار ۾ جوتا لاهي ڪري حاضر ٿيڻ ادب آهي ۽ الله پاڪ ته اَحۡڪَمُ الۡحاڪمين آهي، حضرت موسٰي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم خالِق ڪائنات جي حضور حاضر آهن، وادي به مقدس آهي تنهنڪري حڪم ٿيو ته اي موسٰي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم! پنهنجي ربِّ ڪريم ۽ ان بابرڪت واديءَ ۾ نعلين شريف لاهي ڇڏيو!


 

 



[1]تفسیر قشیری،  پارہ:28، سورۂ تحریم، تحت الآیۃ:6، جلد:3، صفحہ:334۔

[2]شُعب الایمان، باب فی  حقوق الاولاد، جلد:6، صفحہ:402، حدیث:8667ملتقطاً۔

[3]وسائل بخشش، صفحہ:454۔