Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

دل تان غفلت جا پردا هٽائڻ، دل کي نوراني بڻائڻ ۽ الله پاڪ جي معرفت حاصل ڪرڻ جا طريقا ٻڌائڻ جي لاءِ لکيو آهي ۽ هن ئي ڪتاب ۾ پاڻ هي زندگي جا آداب  بيان فرمايا آهن. هن مان خبر پئي ٿي ته هي آداب ڪيترا ته اهم آهن، انهن تي عمل جي برڪت سان دل پاڪ ٿيندي آهي، باطن  سورجندو آهي، دل ۾ ايمان جو نور لهندو ۽ روشني پکيڙيندو آهي. اسان کي گهرجي ته انهن آداب جي اهميت کي سمجهون، الله پاڪ جي پاڪ بارگاھ جو خوب ادب ڪريون، دوستن جو ادب ڪريون، کائڻ، پيئڻ، هلڻ ڦرڻ وغيره جي آداب جو لحاظ رکون.

با ادب با نصیب                                                           بے ادب بے نصیب

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: چوڪ درس

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه !عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اهڙيون پياريون پياريون ڳالهيون، سنّتون ۽ آداب ٻڌائڻ، سيکارڻ ۽ سڄي دنيا  ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ واري تحريڪ آهي، توهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌي چڙهي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بي شمار برڪتون نصيب ٿينديون. دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: چوڪ درس.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي وارا مسجد ۾ درس ڏيندا ئي آهن، ان سان گڏوگڏ چوڪ، بازار، اسڪول ڪاليج وغيره ۾ به درس ڏيندا، نيڪي جي دعوت عام ڪندا ۽ سنّتن جي ڌوم مچائيندا آهن.

گناھن کان توبھ نصيب ٿي وئي

   لانڍي (ڪراچي پاڪستان) جي رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو