Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

   داتا حُضُور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ڏسو! حضرت ابراهيم عَلَيهِ السَّلَام مهمانن کان هي به نه پڇيو ته ڪٿان آيا آهيو؟ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟ سندن نالو ڇا آهي؟ بس فوراً مهمان نوازيءَ ۾ مصروف ٿي ويا.([1])

   اسان کي به گهرجي ته مهمانن سان اهڙو ورتاءُ اختيار ڪريو، اسان جا رشتيدار مهمان بڻجي ڪري اچن، انهن جي مهمان نوازي ته ڪندا ئي آهيون، جيڪڏهن ڪو اڻ واقف اچي ته ان جي مهمان نوازيءَ ۾ ڪوتاهي نه ڪئي وڃي.

  مهمان نوازيءَ جا وڌيڪ آداب بيان ڪندي داتا حُضُور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪڏهن مهمان اڪيلائي پسند ڪندو هجي ته ميزبان ان کي اڪيلو رکي نه ته ان سان گڏ ويهي، ان سان گفتگو ڪري.([2])

مهمان نوازيءَ جو هڪ اهم ادب

   داتا حُضُور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مهمان نوازيءَ جو هڪ ادب هي به آهي ته مهمان کي پنهنجي شهر جي بزرگن، نيڪ ماڻهن سان ملاقات جي لاءِ وٺي وڃي.([3])

   الله اڪبر! هي ادب ته شايد ئي اسان جي ڌيان ۾ هجي، اسان وٽ مهمان ايندا آهن ته انهن کي پارڪن جو سير ڪرايو ويندو آهي، مختلف تفريح گاھن، هوٽلن ۾وٺي وڃبو آهي، شهر جا نيڪ ماڻهو، بزرگ، عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام جو اسان کي پاڻ خبر هجي، اسان انهن سان رابطو رکندا هجون، هي به تمام مشڪل ڳالھ آهي، مهمان جي انهن سان ڪهڙي ملاقات ڪرائينداسين؟ ڪاش! اسان دين پسند مسلمان بڻجي وڃون. ديني ڳالهيون، دين ڄاڻڻ وارن جي معلومات به رکون، انهن سان رابطي ۾ به رهون، پاڻ به انهن جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا رهون ۽ خوش نصيبي! مهمان اچن ته انهن کي به زيارت جي لاءِ


 

 



[1]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:505بتغیر۔

[2]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:505بتغیر۔

[3]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:506بتغیر۔