Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

   حديث پاڪ ۾ آهي: الرَّجُلُ عَلَى دِينِ خَلِيْلِهِ، فَلْيَنْظُرْ اَحَدُكُمْ مَنْ يُخَالِلُ ماڻهو پنهنجي دوست جي دين تي هوندو آهي، لهٰذا توهان مان هر هڪ کي گهرجي ته اهو ڏسي ڪنهن سان دوستي ڪري رهيو آهي.([1])

پنهنجي لاءِ دعا ڇو نه ٿا گهرو...؟

   ڪشفُ المحجوب ۾ حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هڪ شخص دوران طواف صرف هيءَ دعا ڪري رهيو هو اَللّٰہُمَّ اَصْلِحْ اِخْوَانِی اي الله پاڪ! منهنجي دوستن کي نيڪ بڻاءِ. ڪنهن پڇيو: هن مقام تي توهان پنهنجي لاءِ دعا ڇو نه ٿا گهرو؟ صرف دوستن جي لاءِ ئي ڇو دعا ڪري رهيا آهيو؟ ان نيڪ شخص نهايت ئي ڪمال جو جواب ڏنو، چيائين: مونکي هتان موٽي ڪري پنهنجن دوستن وٽ ئي وڃڻو آهي، جيڪڏهن منهنجا دوست نيڪ ٿي ويا ته مونکي به نيڪين تي استقامت ملي ويندي، جيڪڏهن دوست نيڪ نه ٿيا  ته انهن جي خرابي مونکي به پهچي ڪري رهندي. تنهنڪري مان دوستن جي لاءِ دعا ڪري رهيو آهيان.([2])

بنادے مجھے نیک نیکوں کا صَدقہ                                                                                                       گناہوں سے ہردم بچا یاالٰہی!

مِرا ہر عمل بس ترے واسطے ہو                                                                                                               کر   اِخلاص   ایسا   عطا   یاالٰہی!)[3](

دوستي ۽ ڀائيچاري جو هڪ بنيادي ادب

   دوستي ۽ ڀائيچاري جو بنيادي ادب هي آهي ته ماڻهو صرف ۽ صرف ديني فائدي کي ملحوظ رکي. حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جنهن شخص جو گڏ رھڻ  توهان کي فائدو نه ڏي، ان جي صحبت کان بچو ته جيئن توهان محفوظ رهي سگهو!

   داتا حُضُور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ان نصيحت جو مطلب هي آهي ته توهان جي


 

 



[1]ترمذی، کتاب الزہد، صفحہ:566، حدیث:2378۔

[2]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:499بتغیر۔

[3]وسائل بخشش ، صفحہ 105۔