Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

هميشه دوزانو (گوڏن ڀَر) ويهندا هئا

   داتا حضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي آداب مان هي به آهي ته الله پاڪ جي حضور ايئن رهي، جيئن بادشاهن جي سامهون رهندا آهن. حضرت حارث محاسبي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي متعلق اچي ٿو، پاڻ 40 سال ايئن گذاريا جو ڏينهن يا رات ۾ ڪڏهن به ٽيڪ لڳائي ڪري چيلھ سڌي نه ڪئي، هميشه دوزانو (يعني جيئن نماز ۾ التّحيّات ۾ ويهندا آهيون، ايئن) ويهندا هئا، ماڻهن کي فرمايائون: مان ربَّ جي حضور ايئن ويهندو آهيان، جيئن غلام ويهندا آهن، ان کان علاوه ڪنهن ٻي حالت تي ويهڻ سان مونکي شرم اچي ٿو.([1])

ڇا بادشاهن جي درٻار ۾ ايئن ويهبو آهي...؟

   حضرت سِرّي سقطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  وڏي رتبي وارا ڪامل ولي هئا، پاڻ هڪ رات ويٺي درودِ پاڪ پڙهي رهيا هئا، انهيءَ دوران پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پير ڊگهيڙيا. جيئن ئي پير ڊگهيڙيا، غيب مان آواز آيو: ڇا بادشاهن جي درٻار ۾ ايئن ويهبو آهي؟ بس هي ٻڌڻ هو جو حضرت سِرّي سقطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  فوراً پير سميٽي ورتا. شيخ جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ان کان بعد حضرت سِرّي سقطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه 60 سال زندھ رهيا، پاڻ ڏينهن يا رات ۾ ڪڏهن به ڪنهن وقت پير نه ڊگهيڙيا.([2])

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! اي عاشقانِ رسول! هي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها هئا، ڏسو! هي الله پاڪ جو ڪهڙو ڪمال ادب ملحوظ رکندا هئا ۽ هڪ اسان آهيون، الله پاڪ اسان کي ڏسي رهيو آهي، هي ڄاڻيندي به گناھن کان نه ٿا رڪجون ، اسان کي گناھ ڪندي ماڻهو نه ڏسي وٺن، هن ڳالھ جو ته اسان خيال ڪندا آهيون پر الله پاڪ ڏسي رهيو آهي، ان ڳالھ جو لحاظ ناهيون ڪندا. ڪاش! اسان ٻانهي هجڻ جا آداب سکي وڃون، اسان گهڻو ڪجھ آهيون، تاجر به،


 

 



[1]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:493بتغیر۔

[2]عوارف المعارف، صفحہ:456۔