Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

کائڻ پيئڻ جا آداب

   داتا حُضُور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: انسان جو گذارو غذا جي بغير ناهي، البته غذا جي استعمال ۾ ادب جو شرط هي آهي ته کائڻ پيئن ۾ مبالغو نه ڪري (يعني تمام گهڻو نه کائي) جو صرف پيٽ ڀرڻ جي فڪر ۾ ئي لڳل هجي، ان جي قدر ۽ قيمت اها ئي اهي جيڪو پيٽ مان نڪرندو آهي.([1]) حضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان ڪنهن پڇيو: توهان بُکيو رهڻ جي گهڻي تاڪيد ڇو ڪندا آهيو؟ فرمايائون: ان ڪري جو جيڪڏهن فرعون بُکيو رهي ها ته هرگز خدائي جي دعوٰي نه ڪري ها، جيڪڏهن قارون بُکيو رهي ها ته ڪڏهن به سرڪشي نه ڪري ها.([2])

 * کائڻ جي آداب مان هي به آهي ته اڪيلو نه کائي، جيڪو کائي ٻين کي به کائڻ ۾ شريڪ ڪري * دستر خوان تي خاموش نه ويهي (بلڪه موقعي جي مناسبت سان سٺيون سٺيون ڳالهيون ڪندو رهي) * بسمِ الله پڙهي ڪري کاڌو شروع ڪري * کاڌو، پاڻي يا ٿانوَ وغيره رکڻ کڻڻ ۾ تهذيب جو خيال رکي، اهڙو انداز اختيار نه ڪري جو ماڻهو ناپسند ڪن * پهريون گرھ نمڪين غذا جو کڻي * دسترخوان تي ويٺلن تي ايثار ڪري * ساڄي هٿ سان کائي * ٻين جا گرھ نه ڏسي * گرھ ننڍا ۽ خوب چٻاڙي کائي * کائڻ ۾ جلدي نه ڪري جو ان سان بدهضمي پيدا ٿيندي آهي ۽ هي سنّت جي خلاف آهي * کائڻ کان فارغ ٿي ڪري الله پاڪ جو شڪر ادا ڪري.([3])

   پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان! داتا حُضُور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن ڪهڙا پيارا پيارا آداب سيکاريا آهن، هتي هڪ ڳالھ تي ڌيان ڏيندا! داتا حُضُور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو ڪتاب آهي: ڪشفُ المحجوب. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  هي ڪتاب تصوف جون پيچيدگيون ٻڌائڻ،


 

 



[1]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:512بتغیر۔

[2]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:513بتغیر۔

[3]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:514بتغیر۔