Book Name:Shan e Ameer Hamza
علّامه سمهودي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي مزار مبارڪ جي برڪت واري مٽي خاڪِ شفا آهي، قديم زماني کان وٺي نيڪ ماڻهن جو طريقو رهيو آهي ته حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي مزار مبارڪ جي مٽي کڻي ڪري ويندا ۽ ان کي دوا جي طور استعمال ڪندا آهن.[1]
الحمد لله! شيخ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه کي ڏٺو ويو آهي ته پاڻ حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي مزار مبارڪ جي مبارڪ خاڪ سرائيءَ سان اکين ۾ لڳائيندا آهن. الله پاڪ اسان کي به صحابهءِ ڪرام جو عشق ۽ ادب نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
پيارا اسلامي ڀائرو! اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ سيّدُالشّهداء (يعني شهيدن جا سردار) آهن، پاڻ غزوهءِ اُحد ۾ شهادت جو رتبو ماڻيائون، غزوهءِ اُحد جي شهيدن جي شان ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
فَرِحِیْنَ بِمَاۤ اٰتٰىهُمُ اللّٰهُ مِنْ فَضْلِهٖۙ-وَ یَسْتَبْشِرُوْنَ بِالَّذِیْنَ لَمْ یَلْحَقُوْا بِهِمْ مِّنْ خَلْفِهِمْۙ-اَلَّا خَوْفٌ عَلَیْهِمْ وَ لَا هُمْ یَحْزَنُوْنَۘ(۱۷۰) (سيپارو: 4، سوره آل عمران: 170)
ترجمو ڪنزالعرفان: (اهي) اُن تي خوش آهن جيڪو الله انهن کي پنهنجي فضل سان ڏنو آهي ۽ پنهنجي پٺيان (رهجي وڃڻ وارن) پنهنجن ڀائرن تي به جيڪي اڃا انهن سان ناهن مليا جو انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا.