Book Name:Shan e Ameer Hamza
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الاَعمَالُ بِالنِّيَّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي.([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! چڱي نيت ماڻهو کي جنّت ۾ پهچائيندي آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثلاً نيت ڪيو: * رِضَاءِ اِلٰهي جي لاءِ بيان ٻُڌندس * عِلمِ دين سکندس * پورو بيان ٻُڌندس * ادب سان ويهندس * نصيحت حاصِل ڪندس * اَحمَدِ مُجتبيٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ نالو ٻڌي درودِ پاڪ پڙھندس۔
عظيم عاشقِ رسول حضرت علامه يوسف بن اسماعيل نبهاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هڪ ڀيري سخت ڏڪارپيو، انهيءَ ڏڪار واري سال ۾ حج جا ڏهاڙا به آيا. (الحمد لله! ڏڪار هوندي به عاشقانِ رسول حج جي لاءِ پهتا)، حضرت شيخ احمد بن محمد دِمياطي مصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن به مصر مان ٻه اٺَ خريد ڪيا ۽ پنهنجي امڙ کي گڏ وٺي حج جي لاءِ مڪهءِ مڪرمه حاضر ٿيا، حج جي اَدائيگي کان پوءِ سرڪارِ اعظم، رسولِ محتشم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڪ بارگاھ ۾ سلام عرض ڪرڻ جي لاءِ مديني پاڪ حاضري ٿيا، هتي اچي ڪري سندن اٺَ مري ويا، انهن جو خرچ به ختم ٿي ويو لهٰذا تمام گهڻي پريشاني ٿي ته اٺَ مري ويا آهن، واپسيءَ جو ڪرايو به ناهي، هاڻي گهر ڪيئن وينداسين؟ انهيءَ پريشانيءَ جي عالَم ۾ شيخ احمد دِمۡياطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه شيخ صفيُ الدّين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ سڄي صورتِ حال سان آگاھ ڪيائون شيخ صفيُ الدّين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو: توهان رسولِ اڪرم، نورِ مجّسمصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري چاچا سائين حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي مزارِ پُر انوار تي حاضري ڏيو، اُتي قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪيو ۽ پنهنجي پريشاني عرض ڪريو! شيخ احمد دِمۡياطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن