Shan e Ameer Hamza

Book Name:Shan e Ameer Hamza

وَ  لَا  تَحْسَبَنَّ  الَّذِیْنَ  قُتِلُوْا  فِیْ  سَبِیْلِ  اللّٰهِ  اَمْوَاتًاؕ-بَلْ  اَحْیَآءٌ  عِنْدَ  رَبِّهِمْ  یُرْزَقُوْنَۙ(۱۶۹)

(سيپارو:4 سوره  آل عمران: 169)

ترجموڪنزالعرفان:  ۽ جيڪي الله جي راھ ۾ شهيد ڪيا ويا هرگز انهن کي مئل خيال نه ڪجو بلڪه اهي پنهنجي ربّ وٽ زندھ آهن، انهن کي رزق ڏنو ويندو آهي.

 

سرداری تمہیں حاصِل ہے سارے شہیدوں کی   یوں حق کی حفاظت میں کی جان فِدا حمزہ

خُورشیدِ نبوت سے آئی ہے چمک تجھ میں    مدھم نہ کبھی ہو گا اب تیرا دِیا حمزہ (رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو مختصر تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرتِ اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا پيارا چاچا آهن، پاڻ پياري نبي، رسولِ هاشمي جي ولادتِ باسعادت کان 2 سال پهريان دنيا ۾ تشريف کڻي آيا. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جا 4 مشهور لقبَ آهن: (1): اَسَدُ الله (الله جو شير) (2): اَسَدُ الرَّسول (رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جوشير) (3): فَاعِلُ الۡخَيۡرات (تمام گهڻو ڀلائيءَ جو ڪم ڪرڻ وارو) ۽ (4): سَيّدُ الشُّهَدَاء.[1]

حضرتِ اميرِ حمزه سان محبت جو حڪم

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

قُلْ لَّاۤ اَسْــٴَـلُكُمْ عَلَیْهِ اَجْرًا اِلَّا الْمَوَدَّةَ فِی الْقُرْبٰىؕ- ( سيپارو: 25، سوره شورٰي:23 )       

ترجموڪنزالعرفان: مان ان تي توهان کان ڪو معاوضو نٿو گهران سواءِ قرابت جي محبت جي.


 

 



[1] شرح زرقانی مواہب الدنیہ، جلد:4، صفحہ:470، اُسد الغابۃ، جلد:2، صفحہ:67۔