Book Name:Shan e Ameer Hamza
اڇي ڪفن ۾ ڪفنائڻ جون سنّتون ۽ آداب
3 فرامينِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): جيڪو ڪنهن ميّت کي وهنجاري، ڪفن ڏي. خوشبو لڳائي، جنازو کڻي، نماز پڙهي ۽ جيڪا ناقص ڳالھ نظر اچي ان کي لڪائي اهو پنهنجن گناهن کان اهڙو پاڪ ٿي ويندو آهي جهڙو جنهن ڏينهن ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو هو (2): پنهنجن مُئلن کي اڇو ڪفن ڏيو ڇو ته اهي قبرن ۾ پاڻ ۾ ملاقات ڪندا آهن ۽ (اڇي ڪفن سان) تفاخر ڪندا (يعني خوش ٿيندا) آهن[1] (3): پنهنجي مُئَلن کي اڇو ڪفن ڏيو[2].
اي عاشقانِ رسول! ڪفن پارائڻ سنّتِ مبارڪ آهي * مرد جو ڪفن: (1) لفافو يعني چادر (2): اِزار يعني تهبند (3): قميص يعني ڪفني. عورت جي لاءِ ٽن سان گڏوگڏ وڌيڪ ٻه هي آهن: (4): اُوڙهني (5): سينه بند * جيڪو نابالغ حدّ شهوت کي پهچي ويو اهو بالغ جي حڪم ۾ آهي يعني بالغ کي ڪفن ۾ جيترا ڪپڙا ڏنا ويندا آهن هن کي به ڏنا ويندا ۽ هن کان ننڍي ڇوڪري کي هڪ ڪپڙو ۽ ننڍيءَ ڇوڪريءَ کي ٻه ڪپڙا ڏئي سگهون ٿا ڇوڪري کي به ٻه ڪپڙا ڏنا وڃن ته بهتر آهي ۽ بهتر هي آهي ته ٻنهي کي پورو ڪفن ڏيو توڙي جو هڪ ڏينهن جو ٻار هجي * صرف عُلماء و مشائخن کي عمامي سان دفنائي سگهجي ٿو، عام ماڻهن جي ميّت کي عمامي سان گڏ دفنائڻ منع آهي * مرد جي جسم تي اهڙي خوشبو هڻڻ جائز ناهي جنهن ۾ زعفران مليل (يعني مڪس MIX) هجي عورت جي لاءِ (زعفران مليل خوشبو) جائز آهي جنهن احرام ٻڌو (۽ انهيءَ حالت ۾ وفات ڪري ويو) ان جي جسم تي به خوشبو لڳايو ۽ ان جو چهرو ۽ مٿو ڪفن سان لڪايو وڃي[3]. مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه