Shan e Ameer Hamza

Book Name:Shan e Ameer Hamza

هن آيت ڪريمه ۾ رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قرابت دارن سان محبت جو حڪم ڏنو ويو آهي. حضرت اميرِ حمزه به سرورِ دوعالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا قرابت دار آهن بلڪ حضرت اميرِ حمزه ته ڪيئي جهتن سان رسولِ اڪرم، نورِ مجسم جا قرابت دار آهن: (1) پاڻ رسولِ ڪريم، رؤفُ رحيم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا چاچا جان آهن (2) حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي والده  مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي امڙ سيّده آمنه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پاڻ ۾ سئوٽ آهن، ايئن حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ماسات ٿيا (3): حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا رَضَاعي ڀائر به آهن جو حضرت ثُوَيۡبه ۽ حضرت حليمه سعديه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُما جيڪي رسولِ خدا، احمدِ مجتبٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون رَضاعي (کير پياريندڙ) مائرون آهن، حضرت اميرِ حمزه جن به انهن ٻنهي جو کير نوش فرمايو آهي[1]. ايئن حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ سرورِ عالَم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا 3 جهتن سان رشتيدار آهن، لهٰذا سندن سان محبت ڪرڻ به هر مسلمان تي لازم و ضروري آهي.

 کیا پوچھتے ہو کیا  ہیں حضرت امیرِ حمزہ         حیرت کی انتہا ہیں حضرت امیرِ حمزہ

اللہ رے یہ نسبت، اللہ رے یہ عظمت       سرکار کے چچا ہیں حضرت امیرِ حمزہ

اسلام قبول ڪرڻ جو واقعو

حضرت اميرِ حمزه   رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي شڪار ڪرڻ جو شوق هو، هڪ ڀيري پاڻ شڪار ڪرڻ جي لاءِ جهنگل ويل هئا، ان ڏينهن ابوجهل رسولِ بيمثال، بيبي آمنه جي لال صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي گستاخي ڪئي ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان تمام گهڻو نامناسب سلوڪ ڪيو، حضرت اميرِ حمزه شڪار تان واپس آيا ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي ان ڳالھ جي خبر ڏني وئي، پاڻ اِهو ٻڌندي ئي ڪاوڙ ۾ اچي ويا، انهيءَ حالت ۾ ابوجهل وٽ پهتا ۽ ان کي مارڻ شروع ڪري ڏنائون، ابوجهل پنهنجي


 

 



[1] . اُسد الغابۃ، جلد:2، صفحہ:67۔