Book Name:Shan e Ameer Hamza
فرمايائون: رات مان جنّت ۾ داخل ٿيس ته ڏٺم: حضرت جعفر طياررَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرشتن سان گڏ هوا ۾ اُڏامي رهيا هئا جڏهن ته حضرت حمزه تخت تي ٽيڪ لڳائي ويٺا ها[1].
جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام جي زيارت
هڪ ڀيري سيّدُ الشهداء حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان حضرت جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام کي ان جي اصل صُورت ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: چاچا جان! توهان ان جي طاقت نٿا رکو. حضرت حمزه جن اصرار ڪيو (يعني باربار عرض ڪيائون ته مونکي ڏسڻو ئي ڏسڻو آهي) ان تي مالِڪ و مختار نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: زمين تي ويهي رهو! حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ويهي رهيا. ڪجھ دير بعد حضرتِ جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام ڪعبي شريف تي لٿا، رسولِ اڪرم، نورِ مجسمصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: چاچا جان! نظرَ کڻو! ۽ ڏسو! جيئن ئي اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جن نظرَ کنئي حضرتِ جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام کي ان جي اصل صُورت ۾ ڏٺائون ته ان جي تاب سَهي نه سگهيا ۽ بي هوش ٿي ويا[2].
پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پسنديده نالو
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا و مولا، محمد مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي چاچا جان حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ سان تمام گهڻي محبت فرمائيندا ها، حضرت جابِر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اسان وٽ پٽ جي ولادت ٿئي آهي، ان جو نالو ڇا رکون؟ رسولِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مونکي پنهنجي چاچا حمزه بن عبدالمطلب جو نالو تمام گهڻو پسند آهي، پنهنجي پٽَ جو هيءُ ئي نالو رکو...![3]