Shan e Ameer Hamza

Book Name:Shan e Ameer Hamza

هن آيتِ ڪريمه ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻه شخص آهن: (1): هڪ اهو جنهن سان الله پاڪ جنّت جو وعدو فرمايو ۽ اهو جنّت ۾ پهچي ويندو ۽ (2): ٻيو اهو جنهن کي دنياوي مال عطا ڪيو ويو، پوءِ قيامت جي ڏينهن ان کي ٻَڌي (جَڪڙي) ڪري آندو ويندو، ڇا هي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ هرگز نٿا ٿي سگهن. مفسّرينِ ڪرام فرمائن ٿا: هي آيتِ ڪريمه به حضرت اميرِ حمزه ۽ ابوجهل جي متعلق نازل ٿي، هن آيت ۾ اهو شخص جنهن سان الله پاڪ جنّت جو وعدو فرمايو، هن مان مراد حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ آهن ۽ اهو شخص جنهن کي دنياوي مال ڏنو ويو پر قيامت جي ڏينهن ان کي ٻَڌي ڪري آندو ويندو، هن مان مراد ابو جهل آهي[1].

الله ۽ رسول جو شينهن

 معجمِ ڪبير ۾ آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! بيشڪ ستين آسمان تي لکيل آهي:

حَمْزَةُ بْن عَبْدِ الْمُطَّلِبِ أَسَدُ اللهِ وَأَسَدُ رَسُوْلِهِ

يعني حضرت حمزه بن عبد المطلب الله ۽ ان جي رسول جا شينهن آهن[2].

وہی شیر ہیں خُدا کے اور شیر مصطفےٰ کے           ہیں مُحِبِّ حبیبِ داور آقا امیر حمزہ!

حضرت حمزه جنّت ۾ ٽيڪ لڳايل

       حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَـنْهُما کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: رات مان جنّت ۾ داخل ٿيس ته ڏٺم: حمزه (رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ) پنهنجي دوستن سان گڏ موجود هئا[3]. هڪ روايت ۾ آهي،


 

 



 [1]ذخائر العقبیٰ ، صفحہ:300۔

[2] معجم کبیر، جلد:2، صفحہ:266، حدیث:2881۔

[3] استیعاب، باب جعفر، جلد:1، صفحہ:314ملتقطاً۔