Book Name:Shan e Ameer Hamza
لَا اِلٰہَ اِلَّا اَنْتَ سُبْحَانَکَ اِنِّیْ کُـنْتُ مِنَ الظَّالِمِیْنَ
جيڪڏهن انهيءَ مرض ۾ مري ويو ته شهادت جو رتبو ماڻيندو ۽ جيڪڏهن صحتياب ٿي ويو ۽ انهيءَ مرض ۾ وفات نه ٿي ته ان جي مغفرت ٿي ويندي[1].
اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ بارگاھِ الاهي ۾ مديني ۾ مرڻ جي تمنا جو اظهار ڪجھ هن طرح ڪن ٿا:
دیدے مرنے کی مدینے میں سعادت دیدے کس طرح سندھ کے جنگل میں مروں گا یارَبّ!
مجھ گنہگار پہ گر خاص کرم ہو جائے جام طیبہ میں شہادت کا پیوں گا یارَبّ!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع
اي عاشقانِ رسول! نيڪ بڻجڻ ۽ قبر ۽ آخرت جي تياري جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب اڳتي وڌي ڪري حصّو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار اجتماع پڻ آهي. اچو! هفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت ڪرڻ جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:
گناهن ڀري زندگيءَ ۾ مدني انقلاب
ڪراچي (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: دعوت اسلامي جي ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان گناهن ڀري زندگي گذاري رهيو هئس، دنياوي لذّتن ۾ مصروف رهڻ منهنجي عادت هئي، بُرن دوستن جي صحبت مونکي اڃان بگاڙي ڇڏيو هو، دوستن سان ملي ڪري سڄي رات گناهن جو سلسلو جاري رهندو هو، هڪ ڀيري هڪ اسلامي ڀاءَ مون کي مغرب جي وقت نماز جي دعوت ڏني، خبر ناهي ان جي دعوت ۾ ڪهڙو اثر هو جو مان به ان