Book Name:Shan e Ameer Hamza
هن حديث جي حوالي سان لکن ٿا: الله پاڪ جي عبادت ۾ خوب حرص ڪيو ۽ ان تي انعام جي لالچ رکو پر هن عبادت ۾ به پنهنجي ڪوشش تي ڀروسو ڪرڻ بدران الله پاڪ کان مدد گهرو[1]. جڏهن ته حڪيمُ الامّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هِن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: خيال رهي ته دنياوي شين ۾ قَناعت ۽ صبر سٺو آهي پر آخرت جي شين ۾ حرص ۽ بي صبري اعلٰي آهي، دين جي ڪهڙي به درجي تي پهچي قَناعت نه ڪيو اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪيو[2]. الله پاڪ اسان کي نيڪين ڪرڻ جو حريص بڻائي. اٰمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
غزوهءِ اُحد ۾ شهيد ٿيڻ وارن صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُمۡ مان سڀ کان پهريان حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي نمازِ جنازه ادا ڪئي وئي، پوءِ هڪ هڪ شهيد کي آندو ويو، حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي ويجهو رکي ڪري انهن جي نمازِ جنازه پڙهي وئي[3]، ڪجھ روايتن ۾ آهي ته 10، 10 شهيدن جي نمازِ جنازه ادا ڪئي وئي ۽ انهن ۾ هر ڀيري حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ به شريڪ رهيا[4].
حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي حضرت ابوبڪر، حضرت عمر فاروق ۽ حضرت علي المرتضٰي جن قبر ۾ لاٿو، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ قبر جي ڪناري تي تشريف فرما هئا، پاڻ فرمايائون: مون ڏٺو، ملائڪ حضرت حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي غُسل ڏئي رهيا آهن[5].