Shan e Ameer Hamza

Book Name:Shan e Ameer Hamza

دل جي حفاظت...!

 پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته دل جي حفاظت ڪرڻ تمام ضروري آهي، اڄ ڪلھ اسان وٽ ماڻهو ظاهري جسم جو خيال رکڻ تي وڌيڪ توجھ ڏيندا آهن، اسان جي جسم کي روزانو ڪيتري خوراڪ جي ضرورت آهي؟ ڪيتري ڪيلوريز ضروري آهن، جسماني طور ڪمزوري هجي ته ڊاڪٽر سان رجوع به ڪيو ويندو آهي، ماڻهو جسم کي فِٽ رکڻ جي لاءِ ورزش به ڪندا آهن، ۽ جسم کي فِٽ رکڻ جي لاءِ ويٽ لفٽنگ (Weightlifting) به ڪندا آهن. پاڻ کي جسماني طور تي تندرست رکڻ جي ڪوشش بُري ناهي، البت هي به سوچڻ جي ڳالھ آهي ته ڇا هي سڀ اسان پنهنجي دل جي معاملي ۾ به ڪندا آهيون؟ ڇا ڪڏهن اسان سوچيو ته اسان جي دل تندرست آهي يا نه؟ ڪٿي اسان باطني طور بيمار ته نه آهيون؟ ڪٿي اسان جي دل ۾ حسد، تڪبر، بُغض، ساڙُ وغيره ايمان کسيندڙ بيماريون ته پيدا نه ٿي چڪيون آهن؟ افسوس سان عرض ڪرڻو ٿو پئي ته عام طور هن ڏي توجھ ناهي ڪئي ويندي. حالانڪه اَصل زندگي زندھ دل هئڻ جو ئي نالو آهي. ڪنهن ڇا ته خوب چيو آهي ته:

دِلِ مُردَہ دِل نہیں، اسے زِندہ کر دوبارہ        یہی ہے اُمّتوں کے مرضِ کُہُن کا چارہ

وضاحت: مرضِ ڪُهن: يعني پراڻو مرض. مطلب هي ته قومن جي اصل بيماري جو علاج هي آهي ته انهن جي دل زندھ ڪئي وڃي.

انسان ٻن مجموعن جو نالو آهي

  ياد رکو! انسان ٻن مجموعن جو نالو آهي: (1): جسم (2): رُوح. خالي روح هجي، جسم نه هجي ته ان کي انسان ناهي چيو ويندو، اهڙيءَ طرح خالي جسم هجي، روح نه هجي ته ان کي به مُئل لاش چوندا آهن. معلوم ٿيو: انسان جسم ۽ روح جي مجموعي جو نالو آهي، ان ڪري جيڪڏهن اسان پنهنجي انسانيت کي برقرار رکڻ چاهيون ٿا ته جيترو اسان جسم جو فڪر ڪندا آهيون ان کان