Shan e Ameer Hamza

Book Name:Shan e Ameer Hamza

جيڪو گهريو اهو ملي ويو

       حضرت ابو العبّاس مَرسِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان اميرِ حمزه جي مزار مبارڪ تي حاضريءَ جي لاءِ نڪتُس ته هڪ شخص منهنجي پويان پويان هلڻ لڳو، جڏهن اسان مزار مبارڪ تي پهتاسين ته مزار مبارڪ جو دروازو پاڻ ئي کُلي ويو، اسان اندر وياسين ته اُتي رجالُ الغَيۡب (يعني اولياءِ ڪرام) مان هڪ شخص کي ڏٺم، ان وقت مون الله پاڪ کان دعا گهري:

 اَللّٰہُمَّ اَسْاَلُکَ الْعَفْوَ وَ الْعَافِیَۃَ وَ الْمُعَافَاۃَ فِی الدُّنْیَا وَالْآخِرَۃَ

اي الله پاڪ! مان توکان تنهنجي دنيا ۽ آخرت ۾ عفو و عافيت جو سوال ڪريان ٿو.

 شيخ ابو العبّاس مَرسِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون پنهنجي رفيق کي چيو: هي دعا جي قبوليت جو وقت آهي، الله پاڪ کان جيڪو کپئي گُهر! منهنجي هن رفيق دعا گهري ته ياالله پاڪ! مونکي هڪ دينار (سون جو سڪّو) ملي وڃي. فرمائن ٿا: هتان کان فارغ ٿي ڪري مان پنهنجي پير و مرشد حضرت ابو الحسن شاذلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، اهو شخص به مون سان گڏ هو، اڃان ڪا ڳالھ به نه ٿي هئي، ان کان پهريان ئي شيخ ابو الحسن شاذلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن ان شخص کي فرمايو: اي گهٽ همّت وارا! دعا جي قبوليت جو وقت هو ۽ تو ته صرف هڪ دينار گهريو، تون ابو العبّاس وانگر دنيا ۽ آخرت ۾ عفو و عافيت جو سوال ڇو نه ڪيو[1].

دعا جو هڪ ادب

اي عاشقانِ رسول! معلوم ٿيو: الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي خدمت ۾ حاضري ٿئي، يا مزاراتِ اولياء تي وڃڻ نصيب ٿئي ۽ ان کان علاوه جڏهن به دعا گهرو ته دل کولي گهرو، الله پاڪ جي خزانن ۾ ڪا ڪمي ناهي، هو رحمٰن ۽


 

 



[1] مرقاۃ المفاتیح، کتاب الزکاۃ، جلد:4، صفحہ:315، تحت الحدیث:1855۔