Book Name:Shan e Ameer Hamza
اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي مزار مديني پاڪ ۾ جبلِ اُحد جي ويجهو آهي. سندن مزار مبارڪ تي دعائون قبول ٿينديون ۽ مرادون ٻڌيون وينديون آهن. الحمد لله! عاشقانِ رسولِ سندن مزار مبارڪ تي حاضري ڏيندا، خوب دعائون ڪندا ۽ دل جون مرادون ماڻيندا آهن.
شيخ سعيد بن قُطۡب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي مزار مبارڪ تي ڪثرت سان حاضري ڏيندا هئا. عام طور مديني پاڪ جا رهڻ وارا عاشقانِ رسول 12 رجب جو اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي مزار مبارڪ تي حاضري ڏيندا هئا پر حضرت سعيد بن قُطۡب رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ڪجھ ڏينهن پهريان ئي حاضر ٿي ويندا ۽ 12 رجب تائين اُتي ئي رهندا ها. شيخ عبد اللطيف تهتام مالڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان به شيخ سعيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان گڏ اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي مزار مبارڪ تي حاضر ٿي ويس، رات ٿي ته سڀ ماڻهو سمهي رهيا، مان انهن جي حفاظت جي لاءِ جاڳندو رهيس، رات جو مون اتي هڪ گهوڙي سوار ڏٺو، جيڪو مزار مبارڪ جي ويجهو چڪر لڳائي رهيو هو، مون ان گهوڙي سوار کان پڇيو: توهان ڪير آهيو؟ فرمايائون: منهنجو نالو حمزه بن عبد المطلب آهي ۽ مان توهان جي حفاظت ڪري رهيو آهيان. ايترو فرمائي ڪري حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ نظرن کان غائب ٿي ويا[1].
بابُ الدُّعا ہے بےشک جن کا مزارِ اَنْور وہ بندۂ خدا ہیں حضرت امیر حمزہ