Shan e Ameer Hamza

Book Name:Shan e Ameer Hamza

حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي شهادت

 پيارا اسلامي ڀائرو! 15 شوَّال المڪرم، سن 3 هجري تي حق و باطل جي عظيم جنگ ٿي، جنهن کي غزوهءِ اُحد چيو ويندو آهي، غزوهءِ اُحد ۾ اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ به شريڪ ها، پاڻ تمام گهڻو بهادريءَ سان وڙهيا، آخر شهادت جي بلند رتبي تي فائز ٿيا[1]. شهادت جي وقت سندن عمر مبارڪ 54 سال هئي.

سرداری تمہیں حاصِل ہے سارے شہیدوں کی                  یوں حق کی حفاظت میں کی جان فِدا حمزہ

   احسان نہ بھولے گا میدانِ اُحُد تیرا              ہے اس کی شبِ جاں میں اب تیری ضیا حمزہ

اميرِ حمزه جي شهادت تي غمِ مصطفٰي

          روايت ۾ آهي: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدارصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي چاچا جان حضرت اميرِ حمزه جي لاش مبارڪ وٽ بيٺا ۽ فرمايائون: يَاحَمۡزَةُ اي حمزه! يَاعَمَّ رَسُوْلِ اللهِ  اي رسول الله جا چاچا جان! وَأَسَدَ اللهِ وأَسَدَ رَسُو ْلِهٖ  اي الله ۽ رسول جا شينهن! يَاحَمْزَةُ يَافَاعِلَ الْخَيْرَاتِ اي حمزه! اي ڀلائي ۾ اڳتي وڌڻ وارا! يَاحَمْزَةُ يَاكَاشِفَ الْكَرَبَاتِ اي حمزه! اي رنج و غم پري ڪرڻ وارا يَاحَمْزَةُ يَاذَابًّا عَنْ وَجْهِ رَسُوْلِ اللهِ اي حمزه! اي رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  کان دشمنن  کي پري ڀڄائڻ وارا![2]

 هڪ روايت ۾ آهي: پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: چاچا سائين! الله پاڪ توهان تي رحم فرمائي، توهان تمام گهڻي صلهءِ رحمي ڪرڻ وارا، نيڪيءَ جي ڪمن ۾  گهڻو اڳتي وڌڻ وارا هئا.[3]


 

 



[1] معرفۃ الصحابۃ، جلد:2، صفحہ:17۔

[2] ذخائر العقبیٰ ، صفحہ:306۔

[3] معرفۃ الصحابۃ، جلد:2، صفحہ:22۔