Shan e Ameer Hamza

Book Name:Shan e Ameer Hamza

هن آيت جي حوالي سان تفسيرِ صراط الجنان ۾ آهي: هن آيت ۾ شهداءِ ڪرام جي متعلق فرمايو پيو وڃي ته الله پاڪ انهن تي فضل ۽ ڪرم فرمايو، انعام ۽ احسان ۽ اعزاز ۽ اڪرام سان انهن کي نوازيائين، موت کان بعد اعلٰي زندگي عطا فرمائي، انهن کي پنهنجو قرب عطا فرمايائين، جنّت جو رزق ۽ اعلٰي نعمتون عطا فرمايائين، انهن کي شهادت جي توفيق بخشيائين، شهداءِ ڪرام هنن سڀني نعمتن تي خوشي ملهائي رهيا آهن[1].

    الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جڏهن توهان جا ڀائر غزوهءِ اُحد ۾ شهيد ٿيا ته الله پاڪ انهن جا روح سبز پکين ۾ رکي ڇڏيا، اهي جنّتي شاخن تي ويندا آهن، جنّتي باغن مان ميوا کائيندا آهن ۽ عرش جي ڇانوَ ۾ سون جي قنديلن ۾ آرام ڪندا آهن، جڏهن انهن هي نعمتون ڏٺيون ته چوڻ لڳا: ڪاش! اسان جا ڀائر ڄاڻين ها ته الله پاڪ اسان جي لاءِ ڇا ڇا نعمتون تيار فرمايون آهن. ان تي الله پاڪ فرمايو: توهان جي طرفان مان هي خوشخبري توهان جي ڀائرن تائين پهچايان ٿو. پوءِ الله پاڪ هي آيتِ ڪريمه نازل فرمائي:

وَ  لَا  تَحْسَبَنَّ  الَّذِیْنَ  قُتِلُوْا  فِیْ  سَبِیْلِ  اللّٰهِ  اَمْوَاتًاؕ-بَلْ  اَحْیَآءٌ  عِنْدَ  رَبِّهِمْ  یُرْزَقُوْنَۙ(۱۶۹)

(سيپارو: 4، سورت آل عمران: 169)

ترجموڪنزالعرفان: جيڪي الله پاڪ جي راھ ۾ شهيد ڪيا ويا انهن کي  مئل خيال نه ڪيو بلڪ اهي پنهنجي ربّ وٽ زندھ آهن، انهن کي رزق ڏنو ويندو آهي.

 اي عاشقانِ رسول! جانِ عالَم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا چاچا جان حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ شهادت جي رتبي تي فائز ٿيا، شهادت تمام وڏو رتبو آهي، الله پاڪ حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي صدقي ۾ اسان کي به مديني پاڪ ۾


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان، پارہ:4، سورۂ آل عمران، تحت الآیۃ:170، جلد:2، صفحہ:92۔