Book Name:Shan e Ameer Hamza
گُنبَذِ خضرا جي ڇانوَ ۾ سنهرين ڄارين جي سامهون شهادت جو موت نصيب فرمائي.
اٰمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
دے شہادت مجھے مدینے میں از پئے شاہِ کربلا یارَبّ!
قبر میری بنے مدینے میں تجھ سے ہے یہ مری دُعا یارَبّ!
بهارِ شريعت ۾ آهي: شهادت صرف ان جو نالو ناهي جو جهاد ۾ قتل ڪيو وڃي بلڪ احاديثِ ڪريمه جي مطابق شهادت جون ٻيون به کوڙ صورتون آهن، مثال طور هڪ حديث پاڪ ۾ فرمايائون: (1): جيڪو طاعون (Plague) ۾ مئو (اهو) شهيد آهي (2): جيڪو ٻڏي ڪري مُئو اهو به شهيد آهي (3): ذات الجنب (ڦڦڙن جي هڪ بيماري، جيڪو ان بيماريءَ) ۾ مُئو (اهو) شهيد آهي (4): جيڪو پيٽ جي بيماري ۾ مئو شهيد آهي (5): جيڪو سڙي ڪري مري (اهو) شهيد آهي (6): جنهن جي مٿان ڀت وغيره ڪري پئي ۽ مري وڃي شهيد آهي
(7): عورت جو ٻار پيدا ٿيڻ يا ڪنوارپڻ ۾ مري وڃي شهيد آهي. اهڙي طرح ڪجھ روايتن جي مطابق راھِ عِلمِ دين ۾ مرڻ وارو به شهيد آهي، مؤذّن جيڪو ثواب جي لاءِ اذان ڏيندو هجي، هي به شهادت جو رتبو ماڻيندو آهي، فسادِ امّت جي وقت سنّت تي عمل ڪرڻ وارن جا ته ڀاڳ ئي ڀلا آهن جو انهن کي 100 شهيدن جو ثواب ڏنو ويندو آهي. عُلَماء فرمائن ٿا: جيڪوروزانو 25 ڀيرا هي پڙهي:
اَللّٰھُمَّ بِارِکْ لِیْ فِی الْمَوْتِ وَفِیْمَا بَعْدَ الْمَوْتِ
جڏهن مرندو ته الله پاڪ ان کي شهادت جو رتبو عطا فرمائيندو.
اهڙي طرح جيڪو ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا هجي، اهو 40 ڀيرا هي پڙهي: