Shan e Ameer Hamza

Book Name:Shan e Ameer Hamza

صفائي ڏيندي چيو: اي حمزه! ڇا تون ڏسين نٿو ته محمد (صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ڪهڙو دين آندو آهي؟ اهي اسان جي معبودن کي بُرو چون ٿا ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي بد عقل ٻڌائين ٿا. حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جن ان وقت تائين ايمان نه آندو هو پر ان وقت سندن دل ۽ دماغ تي پنهنجي ڀائٽي (يعني حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي محبت غالب هئي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ  ابوجهل جي ڳالھ ٻڌي ڪري فرمايائون: تون واقعي بَد عقل آهين جو پنهنجي هٿن سان جوڙيل پٿرن کي خدا مڃو ٿا. مان گواهي ڏيان ٿو ته الله پاڪ کان سواءِ ڪو عبادت جي لائق ناهي ۽ محمد صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله جا سچا رسول آهن[1]. ان وقت حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي دل تي محبتِ مصطفٰي غالب هئي، پاڻ ڪلمهءِ شهادت پڙهي ورتائون، فرمائن ٿا: بعد ۾ مونکي هن باري ۾ پريشاني ٿي، مون سڄي رات سوچيندي گذاري، صبح جو حرمِ ڪعبه ۾ حاضر ٿيس ۽ روئي روئي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪئي ته ياالله پاڪ! منهنجو سينو حق جي لاءِ کولي ڇڏ ۽ مون کان شڪ کي دور فرماءِ، اڃان مون دعا پوري به نه ڪئي هئي ته منهنجي دل مان شڪ نڪري ويو ۽ يقين مضبوط ٿي ويو، پوءِ بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيس، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمت ۾ سڄي صُورتِ حال پيش ڪيَم ته پاڻ
صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن منهنجي حق ۾ دعا فرمائي[2].

اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي شان ۾ آيت نازل ٿي

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ دولتِ اسلام سان مالا مال ٿيا ته ان وقت سندن شان ۾ هيءَ آيت نازل ٿئي:

اَوَ مَنْ كَانَ مَیْتًا فَاَحْیَیْنٰهُ وَ جَعَلْنَا لَهٗ نُوْرًا یَّمْشِیْ بِهٖ فِی النَّاسِ كَمَنْ مَّثَلُهٗ فِی الظُّلُمٰتِ لَیْسَ بِخَارِجٍ مِّنْهَاؕ-

( سيپارو: 8، سوره انعام: 122)

ترجموڪنزالعرفان:  ۽ ڇا جيڪو مرده هو پوءِ اسان ان کي زندھ ڪري ڇڏيو ۽ اسان ان جي لاءِ هڪ نور بڻائي ڇڏيو جنهن سان گڏ اهو ماڻهن ۾ هلندو آهي (ڇا) اهو ان جهڙو ٿي ويندو جيڪو اونداهين ۾ (پيل) آهي (۽) انهن مان نڪرڻ وارو ناهي.


 

 



[1] ۔ تفسیر کبیر، پارہ:8،سورۂ انعام، تحت الآیۃ:122، جلد:5، صفحہ:134۔

[2]الروض الانف، اسلام حمزة، جلد:2، صفحہ:51۔ ۔