Shan e Ameer Hamza

Book Name:Shan e Ameer Hamza

آپ کے دَم سے بڑھی شوکتِ اسلام شہا!     باعثِ قُوَّتِ ایمان ہو حضرت حمزہ

آپ کو بخشا گیا سیدِ شہدا کا لقب                        دِین پہ اس طرح قربان ہو حضرت حمزہ

آپ کے اُسْوَۂ حسنہ پہ مشاہدؔ بھی چلے                اس نکمے پہ یہ احسان ہو حضرت حمزہ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                   صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جا 2 اعلٰي وصف

اي عاشقانِ رسول! هن حديثِ پاڪ ۾ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جا 2 وصف ذِڪۡر فرمايا: (1): وُصُولُ الرَحۡم (يعني گهڻي صلهءِ رحمي ڪرڻ وارا) (2): فُعُولُ الۡخَيۡرات (تمام گهڻيون نيڪيون ڪرڻ وارا).

ڪاش! اسان به هنن ٻنهي وصفن کي اپنايون ۽ حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو فيضان حاصل ڪريون.

صلهءِ رحمي جا فضائل

          پيارا اسلامي ڀائرو! صلهءِ رحمي جي باري ۾ 3 مبارڪ حديثون ٻڌون ٿا: (1): پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنهن کي هي پسند هجي ته ان جي عمر ۽ رزق ۾ اضافو ڪيو وڃي ته ان کي گهرجي پنهنجي والدين سان سٺو سلوڪ ڪري ۽ پنهنجي رشتيدارن سان صلهءِ رحمي ڪندو ڪري[1]. (2): طبرانيءَ اوسط ۾ حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت ڪئي آهي:  حضورِ اڪرم نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ گھر مبارک مان ٻاهر تشريف کڻي آيا، اسان گڏ ويٺا هئاسين، پاڻ اسان کي ڏسي ڪري فرمايائون: اي مسلمانو! الله پاڪ کان ڊڄو ۽ صلهءِ رحمي ڪيو ڇو ته صلهءِ رحمي جو ثواب تمام جلد


 

 



[1] التر غیب ،والترہیب ،کتاب البر والصلاۃ ،باب بر الوالدین ،صفحہ:801،حدیث:16۔