Shan e Ameer Hamza

Book Name:Shan e Ameer Hamza

زندگيءَ جو حقيقي مفهوم

 اي عاشقانِ رسول! هن آيتِ ڪريمه ۾ زندگيءَ جو عجيب فلسفو بيان ڪيو ويو آهي، عام طور حرڪت کي زندگي چيو ويندو آهي، جنهن جو ساھ هلي رهيو هجي، جيڪو ڳالهائي سگهندو هجي، ٻڌي سگهندو هجي، هلي ڦري سگهندو هجي، ان کي زندھ چيو ويندو آهي، پر قرآنِ ڪريم زندگي جو هڪ ٻيو ئي مفهوم بيان فرمايو آهي، ڏسو! حضرتِ اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي دنيا ۾ تشريف کڻي ايندي 40 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو هو، پاڻ  هلندا ڦرندا به ها، کائيندا پيئندا به ها، شڪار به ڪندا ها، ان جي باوجود الله پاڪ فرمايو:

كَانَ مَیْتًا

ترجمو ڪنز العرفان: جيڪو مرده هو

پوءِ جڏهن کين اسلام قبول ڪري ورتو، سندن دل نورِ ايمان سان روشن ٿي وئي ته فرمايو:

فَاَحْیَیْنٰهُ

ترجمو ڪنز العرفان: پوءِ اسان ان کي زندھ ڪري ڇڏيو.

معلوم ٿيو: اصل زندگي دل جي زندگي آهي، جنهن جي دل ۾ ايمان جو نور موجود آهي، اهو زندھ آهي، جنهن جي دل ۾ نور موجود ناهي، ان جي دل به مُئل آهي، اهو پاڻ به جيئرَن جي صورت ۾ مُئل آهي.

زِندگی زِندہ دِلی کا نام ہے                       مُردہ دِل کیا خاک جیا کرتے ہیں