Book Name:Shan e Ameer Hamza
ملندو آهي[1]. (3) بزار ۽ حاڪم جي روايت آهي: جيڪو شخص هيءَ آرزو رکندو هجي ته ان جي عمر ڊگهي هجي، رزق ۾ ڪشادگي ٿئي ۽ بري موت کان بچي وڃي اهو الله کان ڊڄي ۽ صلهءِ رحمي ڪري[2].
اي عاشقانِ رسول! حضرت سيّدنا فقيه ابواللَّيث سَمَرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن: صِلهءِ رحمي جا 10 فائده آهن: (1): الله پاڪ جي رضا حاصل ٿيندي آهي(2): ماڻهن جي خوشيءَ جو سبب آهي (3) ملائڪن کي خوشي ٿيندي آهي (4): مسلمانن جي طرفان ان شخص جي تعريف ٿيندي آهي (5): شيطان کي ان سان تڪليف پهچندي آهي (6): عمر وڌندي آهي (7): رزق ۾ برڪت ٿيندي آهي (8): فوت ٿي ويل ابا ڏاڏا خوش ٿيندا آهن (9): پاڻ ۾ محبت وڌندي آهي ۽ (10): وفات کان پوءِ ان جي ثواب ۾ اضافو ٿي ويندو آهي، ڇوته ماڻهو ان جي حق ۾ دعاءِ خير ڪندا آهن[3].
(1): سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عظمت نشان آهي: لَاتَحْقِرَنَّ مِنَ الْمَعْرُوفِ شَیْئًا وَلَوْ أَنْ تَلْقَی أَخَاکَ بِوَجْہٍ طَلْقٍ يعني نيڪيءَ جي ڪنهن ڳالھ کي حقير نه سمجهو چاهي اهو توهان جو پنهنجي ڀاءُ سان کلي ڪري ملڻ هجي[4]. (2): فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: اِحْرِصْ عَلٰی مَایَنْفَعُکَ وَاسْتَعِنْ بِاللّٰہِ وَلَاتَعْجِزْ يعني ان تي حرص ڪيو جيڪو توهان کي نفعو ڏي ۽ الله کان مدد گهرو عاجز نه ٿيو[5].
اي عاشقانِ رسول! شارحِ مسلم حضرت علّامه شرف الدين نَوَوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه