Book Name:Shan e Ameer Hamza
وڌيڪ اسان کي پنهنجي روح جو به فڪر ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ظاهري جسم طاقتور هجي پر ان جي اندر ضَمير مُرده هجي ته انسان انسان ناهي رهندو، وحشي جانور بڻجي ويندو آهي ۽ روح طاقتور هجي، ۽ ظاهري جسم ڪمزور به ٿي وڃي، تڏهن به انسان ۾ انسانيت باقي رهندي آهي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي دل جي زندگي جو به ضروري فِڪر ڪريون، پنهنجي دل کي باطني بيمارين (مثال طور حسد، تڪبر، ڊگهين اميدن وغيره) کان بچايون. مڪتبةُ المدينه جو تمام پيارو ڪتاب آهي: باطني بيمارين جي معلومات. هي ڪتاب خريد ڪيو، هن کي پڙهو. اِنۡ شاء اللهُ الڪَريم! باطني بيمارين جي معلومات حاصل ٿيندي، هن ڪتاب ۾ باطني بيمارين جا نالا، انهن جي تعريف، انهن بيمارين جي متعلق قرآني آيتون، حديثون ۽ انهن بيمارين جا علاج به لکيا ويا آهن. الله پاڪ اسان سڀني کي ظاهري ۽ باطني بيمارين کان محفوظ فرمائي.
اٰمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
فضائل اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ الله پاڪ پنهنجو وعدو فرمايو
سيپارو: 20 سوره قصص، آيت: 61 ۾ ارشاد آهي:
اَفَمَنْ وَّعَدْنٰهُ وَعْدًا حَسَنًا فَهُوَ لَاقِیْهِ كَمَنْ مَّتَّعْنٰهُ مَتَاعَ الْحَیٰوةِ الدُّنْیَا ثُمَّ هُوَ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ مِنَ الْمُحْضَرِیْنَ(۶۱)
(سيپارو: 20، سوره قصص: 61)
ترجموڪنزالعرفان: اهو شخص جنهن سان اسان جو سٺو واعدو ٿيل آهي اهو ان (واعدي) سان ملڻ وارو(به) آهي ڇا اهو ان شخص جهڙو آهي جنهن کي اسان(فقط) دنياوي زندگي جو نفعو گذرسفر لاءِ ڏنو هجي پوءِ اهو قيامت جي ڏينهن گرفتار ڪري حاضر ڪيلن منجهان هجي