Shan e Ameer Hamza

Book Name:Shan e Ameer Hamza

سرکار کے ہیں دِلبر آقا امیرِ حمزہ!      ہیں مُحِبِّ حَبِیْبِ داوَر آقا امیرِ حمزہ!

بھرتے ہیں سب کا دامن اللہ کی عطا سے   آجائے جو بھی در پر آقا امیرِ حمزہ!

بھر دیجئے مری جھولی، صدقے میں مصطفےٰ کے    آیا ہوں تیرے در پر آقا امیرِ حمزہ!

طیبہ میں مَیْں بھی آؤں، اب دیجئے اجازت  اے میرے غریب پرور آقا امیرِ حمزہ!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                      صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

شهيد زندھ هوندا آهن

 اي عاشقانِ رسول! ڏٺو توهان! حضرتِ اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جن پنهنجي ظاهري وصال جي صدين کان بعد هڪ پريشان حال جي ڪيئن مدد فرمائي...! سُبۡحانَ الله! ٿئي سگهي ٿو شيطان دل ۾ وسوسو وجهي ته ڪو شخص دنيا مان رخصت ٿي وڃڻ کان بعد دنيا وارن جي مدد ڪرڻ ڪيئن اچي سگهي ٿو؟ ان سلسلي ۾ عرض آهي ته قرآنِ ڪريم جي ڪيئي آيتن ۽ کوڙ حديثن جي روشنيءَ ۾ هي ڳالھ ثابت آهي ته انبياءِ ڪرامعَلَيهِمُ السَّلَام ۽ اولياءِ عظام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم الله پاڪ جي عطا سان پنهنجن پنهنجن مزارن ۾ زندھ هوندا آهن، پنهنجن غلامن جي فرياد ٻڌندا به آهن ۽ انهن جي مدد به فرمائيندا آهن ۽ حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي زندھ هئڻ تي ته خاص طور قرآنِ ڪريم ۾ بيان آهي. جي ها! حضرتِ اميرِحمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ غزوهءِ اُحُد ۾ شهيد ٿيا ۽ غزوهءِ اُحُد ۾ شهيد ٿيڻ وارن جي متعلق الله پاڪ فرمائي ٿو: