Book Name:Shan e Ameer Hamza
رحيم آهي، الله وهّاب (يعني تمام گهڻو عطا ڪرڻ وارو) آهي، لهٰذا جڏهن الله پاڪ کان گهرڻو هجي ته ٻانهو شرمائي ڇو؟ ٻه چار پيسا، ڪجھ وقت جو کاڌو يا ڪا ٻي معمولي خواهش ئي ڇو گهري؟ ننڍي وڏي هر شيءِ الله پاڪ کان گهري، پوءِ هي به نه ته صرف دنياوي نعمتون، مال ۽ دولت ته گهري، آخرت جون بهتريون نه گهري، نه، نه، ايئن هرگز نه ڪرڻ گهرجي بلڪ درست طريقو هي آهي ته دعا گهرڻ ۾ پهريان آخرت جون بهتريون ۽ ڀلايون گهري، پوءِ دنيا جون بهتريون ۽ ڀلايون ۽ جنهن جي حاجت هجي اهو گهري. صرف دنيا گهرڻ، آخرت جو فڪر نه ڪرڻ، هي سٺي ڳالھ ناهي.
اِلٰہی میں تیری عطا مانگتا ہوں کرم مغفرت کی دُعا مانگتا ہوں
خدا تجھ سے تیری وِلا مانگتا ہوں میں عشقِ شہِ انبیا مانگتا ہوں
هڪ ڀيري شيخ محمود ڪُردي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي مزار مبارڪ تي حاضر ٿيا ۽ سلام عرض ڪيائون، فرمائن ٿا: مون پاڻ ٻڌو ته حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ مزار مبارڪ جي اندران بلند آواز سان سلام جو جواب ڏنو ۽ فرمايائون: شيخ محمود! توهان وٽ پٽ ٿيندو، ان جو نالو حمزه رکجو. شيخ محمود رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ سچ ۾ مونکي پٽ عطا فرمايو ته مون ان جو نالو حمزه رکيو[1].
سُبحان الله! پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو ڇا ته نرالو شان آهي، پاڻ شيخ محمود رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي سلام جو جواب ڏنائون، هي هڪ ڪرامت، شيخ محمود رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي گهرواري امّيد سان آهن، هي ڄاڻي وٺڻ، ٻئي ڪرامت، پاڻ وٽ ڌيءُ نه بلڪ پٽ پيدا ٿيندو، هي ڄاڻي وٺڻ، ٽئين ڪرامت