Book Name:Naikiyan Chupaiy

اَیَوَدُّ اَحَدُكُمْ اَنْ تَكُوْنَ لَهٗ جَنَّةٌ مِّنْ نَّخِیْلٍ وَّ اَعْنَابٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُۙ-لَهٗ فِیْهَا مِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِۙ- وَ اَصَابَهُ الْكِبَرُ وَ لَهٗ ذُرِّیَّةٌ ضُعَفَآءُﳚ -فَاَصَابَهَاۤ اِعْصَارٌ فِیْهِ نَارٌ فَاحْتَرَقَتْؕ-كَذٰلِكَ یُبَیِّنُ اللّٰهُ لَكُمُ الْاٰیٰتِ لَعَلَّكُمْ تَتَفَكَّرُوْنَ۠(۲۶۶)   

(پاره: 3، سورۃ البقرۃ: 266)

ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا توهان مان ڪو اِهو پسند ڪندو ته اُن وٽ کجين ۽ انگورن جو هڪ باغ هجي جنهن جي هيٺان نديون وهنديون هجن، اُن جي لاءِ اُن ۾ هر قسم جا ميوا هجن ۽ اُن کي پوڙهائپ اچي وڃي ۽ حال هي هجي ته اُن جا ڪمزور ۽ هيڻا ٻار هجن پوءِ اُن تي هڪ واچوڙو اچي جنهن ۾ باھ هجي پوءِ سمورو باغ سڙي وڃي. الله توهان سان اهڙي طرح پنهنجون آيتون کولي ڪري بيان ڪري ٿو ته توهان غور ۽ فڪر ڪيو. 

اهو هڪ مِثَال آهي ( تفسیر نعیمی، پارہ:3، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:266،  جلد:3، صفحہ:109)

اسان مان هر هڪ هن مثال کي سامهون رکي، ٿورو اکيون بند ڪري پنهنجي ذات بابت تَصَوُّر ڪري، مثال طور اسان تَصَوُّر ڪيون ته اسان پوڙها ٿي چڪا آهيون، هاڻي ٻانهن ۾ پهريان جھڙي طاقت ناهي رهي، هاڻي گھڻي محنت وارو ڪم نٿو پڄي، هن حالت ۾ ننڍا ننڍا ٻار به آهن، اهي ڪمائي نٿا سگھن، محنت مزدوري نٿا ڪري سگھن، اُنهن ٻارن جي پرورش جو واحِد سهارو اسان ئي آهيون، اسان جي هڪ دُڪان آهي، ان مان آمدني ٿيندي آهي، سمورو خرچ انهي مان هلي ٿو، ڪمائي جو ٻيو ڪو ذريعو نه آهي، سيل مين (Sale Man) ايندو آهي ۽ مال ڏئي ويندو آهي، اسان آرام سان ويهي مال وڪرو ڪري ڇڏيندا آهيون، نظامِ زِندگي هلي رهيو آهي، اوچتو هڪ رات اُن دڪان ۾ باھ لڳي ٿي، سمورو سامان سڙي راک ٿي وڃي ٿو، افسوس! جيئڻ جو هڪ ئي سهارو هو، اهو به  نه رهيو۔

هاڻي هن حالت ۾ ڪيترو صدمو ٿيندو، ڪيتري سخت تڪليف ٿيندي؟ هر