Book Name:Naikiyan Chupaiy
هڪ جملي سبب ٻه حج ضايع ڪري ڇڏيا!
ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو هڪ جملو چئي سالن جي عِبَادت کي ضايع ڪري ڇڏيندا آهن۔ هڪ ڀيري حضرت سفيان ثوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪنهن شخص وٽ دعوت تي ويا، ميزبان پنهنجي نوڪر کي چيو: اُنهن ٿانون ۾ ماني کڻي اچ جيڪي مون ٻي ڀيري حج جي سفر تان آندا هئا۔ حضرت سُفيان ثوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اي مسڪين! تو هڪ جملي ۾ پنهنجا ٻه حج ضايع ڪري ڇڏيا۔ (فضائلِ دُعا، صفحہ: 281)
نفسِ بدکار نے دِل پر یہ قیامت توڑی عَمَلِ نیک کیا بھی تو چھپانے نہ دیا
(سامانِ بخشش، صفحہ: 72)
اي عاشقانِ رسول ! غور ڪيو! ڪيتري نقصان جي ڳالھ آهي جو هڪ شخص جنهن محنت ڪئي، مشقت برداشت ڪئي، نيڪ عمل ڪيا پر اَفۡسَوس! شيطان جي ڳالهين ۾ اچي، رياڪاري جي نيت سان پنهنجي نيڪين جو اِظهار ڪري نيڪ عمل برباد ڪرائي ويٺو۔ افسوس! نيڪين جو اِظهار ڪري رياڪاري جو شِڪار ٿيڻ واري جو رڳو عَمَل بيڪار ڪيو وڃي ها، تڏهن به صِرۡف ايترو ٿئي ها ته ڄڻ ان نيڪي ڪئي ئي نه پر ڳالھ اِن ريت نه آهي بلڪه رِياڪار ته اهو خطاڪار آهي، جيڪو ڪري نيڪي ٿو پر رياڪاري جي سبب گنهگار لکيو ويندو آهي۔ ڏيکاءُ جي لاءِ نيڪي ڪرڻ رياڪاري جي نيت سان نيڪي جو اظهار ڪري ڇڏڻ ڪيتري قدر خطرناڪ آهي، اهو سمجھائڻ جي لاءِ قرآنِ ڪريم هڪ عبرتناڪ مثال بيان ڪيو آهي، سيپاري: 3، سورت بقره، آيت: 266 ۾ ارشاد آهي: