Book Name:Naikiyan Chupaiy

گھرجي ته الله پاڪ کان ڊڄي، پنهنجي دِين جي حِفَاظت ڪري۔ بيشڪ رياڪاري شِرۡڪ آهي۔ (شعب الایمان، باب: فی الاخلاص العمل، جلد: 5، صفحہ: 344، حدیث: 6864)

نيڪين جي اظهار جون 2 جائز صورتون

الله! الله! اي عاشقانِ رسول ! غور فرمايو! هروڀرو پنهنجي نيڪين جو اِظهار ڪري رياڪاري جو شِڪار ٿيڻ وارو ڪيترو نقصان ۾ آهي...!! بيشڪ نيڪي جي اظهار جون جائز صورتون به آهن مثلاً. * تحديثِ نعمت(يعني نعمت جو چرچو ڪرڻ سان) نيڪي جو اظهار ڪري سگهجي ٿو. * انهيءَ طرح  ڪو پيشوا آهي ۽ اهو پنهنجو  عمل اُن نيت سان ظاهر ڪري ٿو ته ان جي ماتحت افراد کي هن عمل جي رغبت ملندي ته نيڪي جي اظهار جون اهي صورتون رياڪاري ناهن پر اهڙي طرح به نيڪي جو اظهار ڪرڻ ۾ خطرو تمام گهٽ آهي. هر هڪ کي پنهنجو عملظاهر ڪندي وقت 101 ڀيرا پنهنجي دل جي ڪيفيت تي غور ڪرڻ گهرجي ڇوته شيطان نهايت مڪار آهي، ٿئي سگهي ٿو اهڙي طرح ڀڙڪائي ڪري به هُو رياڪاري ۾ مبتلا ڪري ڇڏي. مثلاً دل ۾ وسوسو وجهي ته ماڻهن کي چئو: مان ته صرف تحديثِ نعمت جي لاءِ پنهنجو عمل ٻُڌائي رهيو آهيان. حالانڪ دل ۾ خوشي ٿئي رهيو هوندو آهي جو اهڙي طرح ٻڌائڻ سان ماڻهن جي دلين ۾ منهنجي عزت وڌي رهي آهي. اها يقيناً رياڪاري آهي ۽ گڏوگڏ تحديثِ نعمت جو چئي ڪري رياڪاري مٿان رياڪاري ڪرڻ آهي ۽ گڏوگڏ ئي ڪوڙ جي گناھ جي تباھ ڪاري به آهي. (فیضانِ رمضان، صفحہ:403۔)

عطا کر دے اِخْلاص کی مجھ کو نعمت                 نہ نزدیک آئے ریا یااِلٰہی!

ٻه وڏا خطرناڪ دُشمن

اي عاشقانِ رسول! جيڪڏهن اسان نيڪي جو اظهار ڪري ويٺاسين ۽ الله نه ڪري! الله نه ڪري! رياڪاري جو شڪار ٿي وياسين ته غور ڪيو! ڪهڙي