Book Name:Naikiyan Chupaiy

ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: هفتيوار مدني مذاڪرو۔

الحمد لله! امير اهلسنت حضرت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتۡ بَرَکَاتُهُمُ الۡعَالِيَه هر ڇنڇر تي عِشَاء نماز کان بعد مدني چينل تي براه راست (Live) مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، جنهن ۾ هر هفتي سوين عاشقانِ رسول عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه (ڪراچي) حاضر ٿي عِلۡمِ دِين جون برڪتون حاصل ڪندا آهن۔ هزارين عاشقانِ رسول پنهنجي شهرن/علائقن ۾ اجتماعي طور مدني مذاڪرو ڏسڻ جو اِهتمام ڪندا آهن ۽ مدني چينل، سوشل ميڊيا (مثال طور يوٽيوب،فيس بُڪ وغيره) جي ذريعي خبر ناهي دُنيا ۾ ڪٿي ڪٿي مدني مذاڪرو ڏٺو ويندو آهي، انهن مدني مذاڪرن ۾ شرڪت ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول کي ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون حاصل ٿين ٿيون، اچو! هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

ماڊرن نوجوان جي توبه

منڊي بهاءُ الدِّين (پنجاب، پاڪستان) هڪ اسلامي جو بيان آهي: دعوتِ اسلامي جي دِيني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان فيشن جو گھڻو شوقين هيس، يادِ اِلٰهي کان غافِل، دُنيا جي رنگينن ۾ مَصرُوف زِندگي جا قيمتي لمحا برباد ڪري رهيو هئس، رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ مون تي ڪرم ٿيو ۽ مون کي دعوتِ اسلامي جي زيرِ اهتمام اجتماعي سُنّت اعتڪاف جي سعادت نصيب ٿي، اتي پُرسوز بيان، سحر ۽ افطار جا روحاني نظارا تمام گهڻو سٺا لڳا، وڌيڪ سعادت اها به ملي ته مون کي امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکَاتُهُمُ الۡعَالِيَه جي مدني مذاڪرن ۾ شرڪت جو موقعو حاصل ٿيو، ايئن منهنجي دِل گناهن جي مير کان صاف ٿيڻ لڳي، گُنَاهن ڀري زندگي ۾ عشق رسول جي روشني پکڙجي وئي، مون گناهن کان توبه ڪئي ۽ امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکَاتُهُمُ الۡعَالِيَه سان بيعت ٿئي عطاري بڻجي ويس۔ الحمد لله! انهيء اعتڪاف جي برڪت سان مون چهري تي ڏاڙھي شريف به سجائي ۽ مٿي تي عمامي جو تاج به پائي ورتو۔