Book Name:Naikiyan Chupaiy

سوچ تي، انهن جي همّت تي، انهن جي اِخۡلاص تي، اهي ماڻهو خالِص الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ نيڪيون ڪندا هئا، پهريان ته نيڪي ظاهر ئي نٿا ٿيڻ ڏين، پوءِ جيڪر پنهنجي ڪوشش جي بغير، ڪنهن سبب نيڪي ظاهر ٿي ويندي هئي ته انهن کي صدمو ٿيندو هو، ڏُک ٿيندو هو ته اسان جي نيڪي ظاهر ڇو ٿي وئي، اسان ته الله پاڪ جي رِضا چاهيندا آهيون، هي ماڻهن جي واکاڻ، اسان جي واھ واھ، اسان جي نيڪ نامي ڪٿي اسان جي نيڪي جو بدلو نه بڻجي وڃي۔

راتِیْں زاری کر کر روندے                    نیند اکھیں دِی دھوندے

                              فَجْرِیْں اَو گنہار کہاندے                       سب تھیں نیوے ہوندے

وضاحت: يعني اهي اهڙا نيڪ ٻانها آهن جو انهن جون راتيون بارگاھ اِلٰهي ۾ لڙڪ وهائيندي گذرن ٿيون، جنهن سبب انهن جي ننڊ اُڏامي ويندي آهي، ان جي باوُجود صبح ٿيندي آهي ته ماڻهن جي اڳيان پنهنجو پاڻ کي سڀني کان وڌيڪ گنهگار تَصَوُّر ڪندا آهن۔

اهو آهي الله وارن جو شان...! الله پاڪ پنهنجي ان نيڪ ٻانهن جو صدقو اسان گنهگارن کي به اِخۡلاص جي دولت عطا فرمائي۔   آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

دے حُسْنِ اخلاق کی دولت                     کر دے عطا اِخْلاص کی نعمت

مجھ کو خزانہ دے تقویٰ کا                        یااللہ! مری جھولی بھر دے

(وسائلِ بخشش، صفحہ: 123)

  صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

نيڪيون لڪائڻ مان ڇا مُراد آهي؟

الله پاڪ جي ڪامِل ولي، قرآنِ ڪريم ۾ جن جي عِلم ۽ حِڪمت جو بيان