Book Name:Naikiyan Chupaiy
جيڪو قيامت جي ڏينهن سڀ کان وڌيڪ خساري ۽ نقصان ۾ هوندو۔ علَّامه قُرۡطَبي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: ان شخص جا عمل ضايع ٿي ويندا يا ته ان ڪري جو هو بدعقيده هو، ڪافِر هو، بدمذهب هو، يا وَري ان ڪري عمل ضايع ٿي ويندا جو هو رِياڪاري ۽ ڏيکاءُ ڪندو هو۔ (تفسیرِ قرطبی، پارہ: 16، سورۂ کہف، ھیٺ آیت: 103، جلد: 5، صفحہ: 302)
رياڪار الله پاڪ سان بدديانتي ڪرڻ وارو آهي
هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! قيامت جي ڏينهن ڪهڙي شيء نجات ڏياريندي؟ پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: الله پاڪ سان بدديانتي نه ڪرڻ۔ ان شخص وري عرض ڪيو: ٻانهو الله پاڪ سان بدديانتي ڪيئن ٿو ڪري سگھي؟ فرمايائون: هن طرح جو توهان الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمانبرداري وارو ڪم غَيرُ الله کي راضِي ڪرڻ جي لاءِ ڪيو۔ سو رياڪاري کان بچندا رهو ڇوته رياڪاري شرڪ (اَصۡغر) آهي ۽ قيامت جي ڏينهن رياڪار کي 4 نالن سان سڏيو ويندو: (۱):اي بدڪار! (۲):اي ڌوڪيباز! (۳):اي ڪافِر! (۴):اي نقصان کڻڻ وارا! تنهنجو عَمَل خراب ٿيو، تنهنجو اَجۡر برباد ٿيو، اڄ تنهنجي لاءِ ڪو حِصّو ناهي، اي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا! پنهنجو ثواب ان وٽ تلاش ڪر جنهن جي لاءِ عَمَل ڪندو هئين۔ (الزواجر عن اقتراف الکبائر، جلد: 1، صفحہ: 75)
الله کي خبر آهي ته ڪير متقي آهي...!
اي عاشقانِ رسول! ڊڄي وڃو! نيڪين جي اِظهار کان بچو! صرف الله پاڪ جي رضا جا طلبگار بڻجي وڃو! سيپاري: 27، سورۂ نَجم، آيت: 32 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
فَلَا تُزَكُّوْۤا اَنْفُسَكُمْؕ-هُوَ اَعْلَمُ بِمَنِ اتَّقٰى۠(۳۲)
ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ توهان پاڻ پنهنجي جانين جي پاڪيزگي بيان نه ڪيو، اهو خوب ڄاڻي ٿو جيڪو پرهيزگار ٿيو.