Book Name:Naikiyan Chupaiy

نه نقصان ۾ وڃي پونداسين. نيڪي ڪرڻ ڪو آسان ڪم نه آهي؟ هڪ نيڪي ڪرڻ جي لاءِ انسان هڪ ئي وقت ۾ ٻن دُشمنن سان جنگ ڪري ٿو، 1-نفسِ اَمّاره ۽ 2-شيطان، اهي ٻئي انتهائي خطرناڪ دُشمن آهن، اهي هر وقت نيڪين کان روڪيندا رهن ٿا، انسان هنن ٻنهي جي مخالفت ڪري نيڪي ڪندو آهي، پوءِ نيڪي ڪرڻ جي لاءِ محنت ٿيندي آهي، وقت لڳندو آهي، پيسو به خرچ ٿيندو آهي، مثال طور تهجد پڙهڻ جي لاءِ مٺي ننڊ جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي، سردين ۾ ڪڏهن ٿڌي پاڻي سان وُضُو ڪرڻو پوندو آهي، نماز پڙهڻ جي لاءِ ڪاروبار ڇڏڻو پوندو آهي، ڪم ڪار ڇڏڻا پوندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهو نماز پڙهڻ جي لاءِ گھران نڪرندو آهي ته ٻار حسرت ڀريل نظرن سان ڏسي رهيا هوندا آهن پر والِد اُنهن جي پرواھ ڪرڻ بغير مسجد ڏانهن هليو ويندو آهي، روزو رکڻ جي لاءِ سڄو ڏينهن بُک اُڃ برداشت ڪرڻي پوندي آهي، حج ڪرڻ جي لاءِ، عمرو ڪرڻ جي لاءِ لکين روپيا خرچ ٿين ٿا، سَفَر جي تڪليف برداشت ڪرڻي پوي ٿي، پوءِ اهي نيڪيون اِخۡلاص سان ڪيون وڃن ته انهن جي جزاء ڇا آهي؟ جنّت، جنّت جون هميشه رهندڙ نعمتون، الله پاڪ جو ديدار، جنهن کان وڌيڪ ڪا نعمت ئي نه آهي۔ نيڪي ايتري قيمتي هوندي آهي، هاڻي جيڪڏهن ٻانهو ٿوري دير جي عارضي لذّت جي لاءِ، پنهنجي تعريف جي لاءِ، رڳو واھ واھ جي لاءِ ايتري قيمتي نيڪي ضايع ڪري ته سوچيو هو ڪيتري نقصان ۾ آهي؟ پر افسوس! ماڻهو خيال نٿا ڪن، يقين مڃو! حالات ڏاڍا نازُڪ آهن، اڄڪلھ نيڪي ڪرڻ جو جذبو گھٽ کان گھٽ ٿيندو پيو وڃي، پر نيڪين جي اِظۡهار جي رغبت وڌندي ئي پئي وڃي، نَفۡسِ اَمَّاره نهايت سرڪش آهي، تعريف جو گھڻو شوقين آهي، شيطان گھڻو چالاڪ آهي، پهريان ته نيڪيون ڪرڻ ئي ناهي ڏيندو، جيڪڏهن قسمت سان ڪو نيڪي جو ڪم ڪري ئي وٺون ته ڄڻ هٿ ڌوئي پويان پئجي ويندو آهي، جيسيتائين رياڪاري جي نيت سان نيڪي جو اظهار نه ڪرائي تيسيتائي پُٺ ناهي ڇڏيندو ۽ اسان اهڙا نادان آهيون جو نفس ۽ شيطان جي ڳالهين ۾ اچي محنت سان ڪيل نيڪيون برباد ڪري ڇڏيندا آهيون۔