Book Name:Naikiyan Chupaiy

تاج وتخت و حکومت مت دے             کثرتِ مال و دولت مت دے

اپنی رِضا کا دیدے مژدہ                         یااللہ مِری جھولی بھر دے

 گناهن جي اِظهار کان به بچو...!

 اي عاشقانِ رسول! جهڙي طرح رياڪاري جي نيت سان نيڪين جو اِظۡهار دُرُست نه آهي، اهڙي طرح گُنَاهن جو اِظۡهار ڪرڻ به غلط آهي۔ هڪ هي ته ٻانهو چئي: مان نهايت گنهگار آهيان۔ هن طرح جي ڳالھ عاجزي ۾ شُمار ٿئي ٿي، ايئن عاجزي وارا لفظ ڳالهائڻ وقت به خُوب غور ڪرڻ گھرجي، جيڪڏهن فرض ڪيو ٻانهو دِل ۾ پاڻ کي نيڪ سمجھي رهيو هجي پر زبان سان چئي ته مان گنهگار آهيان ته يقيناً اها عاجزي ناهي بلڪه ڪوڙ ٿيندو۔ لهٰذا هن طرح عاجزي جا لفظ ڳالهائڻ وقت به احتياط ڪرڻ گھرجي۔ ڪجھ ماڻهن جي عادت هوندي آهي جو اهي خاص گُنَاه جو اِظۡهار ڪندا آهن، مثال طور اڄ منهنجي فجر قضا ٿي وئي هئي،  ڪي نادان فخر سان چئي رهيا هوندا آهن: (مثلاً) مون فُلاڻي کان هيترن هزارن جو ڌوڪو ڪيو۔ مطلب؛ مختلف انداز سان ماڻهو پنهنجي گناهن جو اِظۡهار ڪري رهيا هوندا آهن. ائين ڪنهن شرعي ضروت جي بغير گناهن جو ظهار ڪرڻ به درست ناهي۔ فتاويٰ شامي ۾ آهي: اِظْہَارُ الْمَعْصِیَۃِ مَعْصِیَۃٌ. گُنَاھ جو اِظۡهار به گُنَاھ آهي۔ (فتاوی شامی، کتاب: الصلاۃ، جلد: 2، صفحہ: 650)

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار مدني مذاڪرو

اي عاشقانِ رسول! نيڪين جو جذبو ماڻڻ، نيڪيون لڪائڻ ۽ فڪرِ آخرت وڌائڻ جو ذهن بنائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو! انۡ شَآءَاللهُ الۡڪريۡم! نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جو ذهن بڻجندو۔ ذيلي حلقي جي 12