Book Name:Naikiyan Chupaiy

رياڪاري دَجَّال جي فتني کان وڌيڪ خطرناڪ آهي

حضرت ابوسعيد خُدري رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان ويهي دجّال جي فتني بابت ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، ايتري ۾ خوش اَخۡلاق نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿيا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي دجّال بابت ڳالهيون ڪندي ٻڌو ته فرمايائون: ڇا مان توهان کي ان شيء بابت نه ٻڌايان جنهن جو مون کي توهان جي متعلق دجّال کان به گھڻو خوف آهي؟ اسان عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇو نه (ضرور ارشاد فرمايو!)، ان تي آقاءِ دوجهان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: شِرڪِ خَفِي (يعني ريا ڪاري، دَجّال جي فتني کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي)۔ (ابن ماجہ، کتاب: الزہد، باب: الریاء والسمعۃ، صفحہ: 682، حدیث: 4204)

دَجَّال ڪير آهي؟ ان جي فتني جي وضاحت

 اي عاشقانِ رسول! دَجَّال وڏو ڪافِر آهي، قيامت جي ويجھو نڪرندو، اَعۡوَر (ڪاڻو يعني هڪ اک وارو) هوندو، ان جي نرڙ تي ڪافر لکيل هوندو، دَجَّال جو فتنو نهايت سخت هوندو، هو خُدائي جي دعويٰ ڪندو، مئلن کي زِندھ ڪندو، زمين مان ساوڪ ڦٽائيندو، ان سان گڏ هڪ باغ ۽ هڪ باھ هوندي، جن جو نالو جنّت ۽ دوزخ رکندو پر اهو جيڪو ڏسڻ ۾ باغ معلوم ٿيندو، اها حقيقت ۾ باھ هوندي ۽ جيڪا باھ ڏسڻ ۾ ايندي، اهو حقيقت ۾ باغ هوندو، هو 40 ڏينهن ۾ حَرَمَين شَرِيفَين کان علاوه سڄي دُنيا گھومندو، جتي ويندو، باغ ۽ باھ ان سان گڏ هوندي، جيڪو ان کي خُدا مڃيندو، ان کي باغ ۾ داخِل ڪندو ۽ جيڪو ان جو انڪار ڪندو ان کي باھ ۾ وجھندو، اهو سڀ جادُو جو ڪرشمو هوندو، آخر حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام آسمان تان نُزُول فرمائيندا (يعني لهندا) ۽ ان ڪافِر دَجَّال کي قتل ڪندا۔ (بہارِ شریعت، حصّہ: 1، جلد: 1، صفحہ: 120 تا 122 خلاصۃً)

پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور ڪيو! دَجَّال جو فتنو ڪيترو وڏو فتنو هوندو، جڏهن هو جادُو ذريعي مڙدا زِندھ ڪري رهيو هوندو، زمين مان ساوڪ ڦٽائي