Book Name:Naikiyan Chupaiy

منهنجي نيڪين جي ڪري ماڻهن ۾ منهنجو مقام ۽ منهنجي عِزَّت وڌي رهي آهي). ان وقت هيءَ آيت سڳوري نازِل ٿي، (تفسیرِ قرطبی، پارہ: 16، سورۂ کہف، ھیٺ آیت: 110، جلد: 5، صفحہ: 305) ۽ ارشاد ٿيو:

فَمَنْ كَانَ یَرْجُوْا لِقَآءَ رَبِّهٖ فَلْیَعْمَلْ عَمَلًا صَالِحًا وَّ لَا یُشْرِكْ بِعِبَادَةِ رَبِّهٖۤ اَحَدًا۠(۱۱۰)

 ترجموڪنزالعرفان: پوءِ جيڪو پنهنجي ربّ سان ملاقات جي اُميد رکندو هجي اُن کي گهرجي ته نيڪ ڪم ڪري ۽ پنهنجي رب جي عبادت ۾ ڪنهن کي به شريڪ نه ڪري۔  (پارہ: 16، سورۂ کہف: 110)

قيامت تي ايمان رکڻ جون ٻه تقاضائون

هن آيت سڳوري مان معلوم ٿيو ته هر اهو شخص جيڪو قيامت تي ايمان رکي ٿو، جنهن کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن هيءَ دُنيا فنا ٿي ويندي، جنهن جو ايمان آهي ته الله پاڪ مخلوق کي ٻيهر زِندھ فرمائيندو، قيامت قائِم ٿيندي، تمام مخلوق کي ميدانِ محشر ۾ گڏ ڪيو ويندو، اڳيان پويان سڀئي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿيندا، جيڪو جنّت کي مڃي ٿو، جيڪو جهنّم جي عذابن تي يقين رکي ٿو، جيڪو دِل سان اِقۡرار ڪري ٿو ته قيامت جي ڏينهن عملن جو حِسَاب ورتو ويندو، نيڪ ماڻهن کي الله پاڪ جي رحمت سان جنّت ۾ داخِلا نصيب ٿيندي ۽ بدڪار ۽ گنهگار جن تي الله پاڪ جو غضب ٿيندو، اهي جهنّم جي دردناڪ عذاب ۾ گرفتار ٿيندا، جيڪو شخص هن سچي عقيدي تي پختو ايمان رکي ٿو، جيڪو قيامت جي ڏينهن شرمندگي کان بچڻ چاهي ٿو، جيڪو جنَّت جو اُميد رکندڙ ۽ جهنّم کان آزادي جو طلبگار آهي، ان جو اهو اِيمان، ان جي جنّت ۾ وڃڻ جي اُمِّيد ۽ خواهش اها تقاضا ڪري ٿي ته اهو شخص 2 ڪم ڪري:

نمبر1: