Book Name:Naikiyan Chupaiy

فَلْیَعْمَلْ عَمَلًا صَالِحًا

ترجمو ڪنزالعرفان: اُن کي گهرجي ته نيڪ ڪم ڪري

هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته الله پاڪ رَحۡمٰن آهي، الله پاڪ رَحِيم آهي، الله پاڪ بخشڻهار، وڏو مهربان آهي پر الله پاڪ جي رَحمت تي اُمِّيد جو بهانو بڻائي گُنَاهن تي دلير ٿيڻ، نيڪين کان پاسو ڪرڻ رحمتِ اِلٰهي تي اُمِّيد نه آهي بلڪ اهي ايمان جي تقاضائن جي خِلاف ورزي آهي۔

عمل سے زِندگی بنتی ہے، جنّت بھی جہنّم بھی                                       یہ خاکی اپنی فطرت میں نہ نُوری ہے نہ ناری ہے

 انسان پنهنجي اصل ۾ نه فرشتو آهي، نه شيطان، انسان جا عمل فيصلو ڪندا آهن ته هو جنّت جو حق دار آهي يا جهنّم جو سزا وار آهي۔ الله پاڪ فرمائي ٿو:

فَاَمَّا مَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِیْنُهٗۙ(۶) فَهُوَ فِیْ عِیْشَةٍ رَّاضِیَةٍؕ(۷) وَ اَمَّا مَنْ خَفَّتْ مَوَازِیْنُهٗۙ(۸) فَاُمُّهٗ هَاوِیَةٌؕ(۹) وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَاهِیَهْؕ(۱۰) نَارٌ حَامِیَةٌ۠(۱۱)

 ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ بھرحال جنهن جا پُڙ ڳرا ھوندا. اھو ته دل گهري عيش ۾ هوندو. ۽ بھرحال جنهن جا پُڙ هلڪا ٿيندا. ته ان جو ٺڪاڻو ھاويه ٿيندو. ۽ توکي ڪهڙي خبر جو اھا ڇا آهي؟ هڪ ٻرندڙ باھ آھي. (پارہ 30،سورۃ القارعۃ: 6-11)

عیش و عشرت کے لئے انساں نہیں        یاد رکھ تُو بندہ ہے مہماں نہیں

غفلت و سستی تجھے شایاں نہیں                بندگی کر تُو اگر ناداں نہیں

ایک دِن مرنا ہے آخر موت ہے             کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

نمبر2: ٻيو ڪم جيڪو آخرت تي اِيمان جي تقاضا آهي، اهو هي ته: